SINDHI BOLI

سنڌي ٻولي قومي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي: ستار پيرزادو

جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

استاد بخاري

هن ملڪ يعني پاڪستان کي قائم ٿئي 64 ورهيه ٿيڻ وارا آهن، تنهن هوندي به ڌرتيءَ جي اصل ڌڻين جي ڪنهن به حڪمران اها ڳالهه ٻڌڻ کان ئي انڪار پئي ڪيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪي اٽل صوبا به آهن جيڪي هن ملڪ جا خالق آهن ۽ انهن جي ڪا ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي. هن ملڪ ۾ اها ڪنهن کي پروڙ ناهي ته ملڪ جا 1971 کانپوءِ باقي بچيل صوبا به پنهنجي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي رکن ٿا. ان حد تائين جو انهن صوبن يعني سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خواهه جي عوام جي تهذيب ۽ ٻولي مختلف آهي. سندن سوچن ۽ لوچن جو محور پڻ مختلف آهي تنهنڪري انهن جا مفاد به سندن ثقافت ، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل آهن. پر انهن چئن صوبن مان سنڌ صوبو ، جيڪو پاڪستان لاءِ قرارداد به پيش ڪرڻ وارو پهريون صوبو هو، ان صوبي جي ٻولي ٻين ٽن صوبن جي ٻولين کان سؤ سيڪڙو وڌيڪ شاهوڪار آهي. ان حد تائين جو 1947ع کان اڳ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ ڪورٽ جي ٻولي جي حثيت رکندي هئي جنهن لاءِ سر بارٽل فريئر جا سنڌي اڄ تائين به ٿورائتا رهندا آهن

اڄڪلهه جڏهن ته پاڪستان ۾ پ پ پ حڪومت آهي، جنهن کي اڪثر سنڌي عوام جي حمايت حاصل رهي آهي، ان حڪومت جي وفاق ۾ ڪيترا ئي سنڌي ڳالهائيندڙ وزير، مشير ۽ اسمبلي ميمبر موجود هئڻ جي باوجود به وفاقي حڪومت جي اسمبليءَ ۾ نه صرف سنڌي ٻولي پر ان سان گڏ ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ڇهن ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءِ محترمه مارئي ميمڻ، يوسف ٽالپر، ظفرعلي شاهه ۽ ڪجھ ٻين ميمبرن ٻيو ڀيرو بل پيش ڪيو ته وفاقي حڪومت جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين نسيم اختر چوڌري جيڪا پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر آهي ان ۽ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن جن جو واسطو پ پ پ ۽ ايم قيو ايم سان هو انهن بل تي نه صرف غور۽ بحث جي اجازت نه ڏني پر اهو چئي بل رد ڪري ڇڏيو ته ، اهو بل ملڪ دشمن آهي ۽ پهرين به رد ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. بل کي قبول نه ٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي وري ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو. پر ان جو ڪو به مثال نه ڏنو ويو آهي ته ان تي عمل ڇو نه ٿو ڪري سگھجي

·   ان مان ته ائين ٿو لڳي ته نسيم چوڌري ايم ڪيو ايم وارن جي ونگار پئي وهي ۽ پنهنجي پنجابي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏيارڻ  تان هٿ کنيو جو ان جو في الحال فائدو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام کي ملي سگھي ٿو پر اڳتي هلي پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه پڻ ٿيندي پر حيرت ته پ پ پ پنجاب جا ٻالڪا سنڌ جي پ پ پ جي ٻالڪن سان سهمت ناهن پر هو سدائين پنهنجي فرسوده سوچ جا حامي رهيا آهن ۽ سنڌ جي وفاقي اسمبلي ۽ سينيٽ جي سنڌي ميمبرن جي پڻ ڀرپور مخالفت ڪندا رهندا آهن. ايم ڪيو ايم جو ته اصل کان سنڌ دشمن رويو عالم ۾ پڌري پٽ وائکو ٿيل آهي پر پ پ پ وارن جي پاران ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ستن وڏين ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ ڪهڙي ملڪ دشمني آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ڪو به دليل نه صرف اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين چوڌري نسيم اختر ڏئي سگھي ٿي نه ن ليگ جا ميمبر نه ئي پ پ پ يا ايم قيو ايم جا ميمبر

·   رهيو سوال ته قائدِ اعظم محمد علي جناح جي پاران ڪيل هڪ غلطي سا به هند جي انهن ويجھن دوستن کي خوش ڪرڻ لاءِ هن اردو ٻولي قومي ٻولي قرار ڏني هئي. ان تي اڄ تائين ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ ڇا جي لاءِ آهي؟  منهنجو سوال هي آهي ته هاڻ جڏهن قائدِ اعظم  محمد علي جناح جي چيل ٻين ڪهڙين ٻولاچارين تي هو ڳنڍ ڏئي بيٺا آهن؟ پاڪستان جو آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو بنگال ڪنهن جي ڪري ڌار ٿيو؟ ڇاجي ڪري؟ 1970 کان اڳ پاڪستاني نوٽن تي بنگالي ٻولي به لکي ويندي هئي. ۽ نيٺ قائد اعظم جي ڳالھ کي رد ڪندي بنگاليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو. بنگال کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ اڄ بنگال ڪٿي بيٺو آهي. جنهن جي لاءِ انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه عام هوندي هئي ته بنگال جي عوام کي ته اولهه پاڪستان وارا پالي رهيا آهن، هاڻ بنگال نه صرف پاڻ پلجي رهيو آهي پر سندس ڪرنسي ٽڪو اسان جي رپئي کان ڪيترو مٿي آهي ۽ هاڻ اهو بنگال کي کارائيندر پاڪستان قرض ۾ ڪيترو ٻڏل آهي؟ ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان ته قائدِ اعظم وارو پاڪستان ته رهيو ناهي. قائدِ اعظم جي پاڪستان جو روح ملڪ مان 1970 ۾ ئي پرواز ڪري ويو

اسان سنڌ وارن ازل کان اياز

ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه من

ٻولين جو اهڙو ساڳيو مسئلو هندوستان سان پڻ لاڳو آهي پر انهن آزادي ماڻڻ کان پوءِ ٻولين جو مسئلو حل ڪري گھڻ قومي ۽ گھڻ ٻولين وارن ملڪن لاءِ مثال بڻائي ڇڏيو

· اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ۽ پنجاب جي سول ۽ مليٽري آفيسر شاهي سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ناهن. پنجاب جي ماڻهن جي رويي جو سبب هي به ٿي سگھي ٿو ته هنن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان بنهه دلچسپي ناهي

·   ملڪ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام جوتعداد 2008 جي آدمشماريءَ مطابق ڀل کڻي 15 سيڪڙويا هاڻ کڻي 16سيڪڙو هجي، تنهن هوندي به سنڌي ٻولي صدين کان نه صرف لکبي، ڳالهائبي ۽ پڙهبي رهي آهي، هن ٻوليءَ ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾  Ph.D  جي ڊگريءَ تائين پاڙهي ٿي وڃي. هن وقت سنڌ يا ملڪ ۾ ٻولين جي لحاظ کان جيترا ماهر سنڌي ٻوليءَ ۾ Ph.D ٿيل آهن اوترا شايد ئي پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، براهوي ۽ هندڪو ٻولين جا هوندا

·   هاڻ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ءَ طور سڀ کان وڏو اعتراض اردو دان طبقي کي آهي، جيڪو ملڪ جي آدمشماريءَ جو فقط 8 سيڪڙو تعداد آهي جيڪو پڻ گھٽ به ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ جو 2008  ۾ اردو ڳالهائيندڙ طبقي ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو هئي ۽ اها ڪنهن به حالت ۾ اثر انداز ٿيندي پئي آئي آهي. جيڪا ڳالهه ڪيترا ئي ملڪي ماڻهو ۽ ڳڻپ وارن ادارن جا آفيسر تسليم ڪري چڪا آهن جنهن جو وڏو مثال اپريل 2011 ۾ ٿيل گھر ڳڻپ کان پوءِ سامهون آيو. هنن جي سوچ ۽ ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هو سنڌ جا فاتح آهن. جيڪي پناهگير طور هند جي مختلف پرڳڻن مان لٽجي ڦٽجي آيا هئا ۽ سندن وڏڙن کي اهو به ياد هوندو ته 47 ۾ جڏهن ريل گاڏين ۾ ايندڙ انهن پناهگيرن کي پنجاب جي ڪنهن به ريلوي اسٽيشن تي اهو چئي لهڻ نه ڏنو ويندو هوته پاڪستان اڳتي آهي ۽ ملڪ جي ڏاکڻي طرف ڪراچي ئي ريل گاڏيءَ جي آخري منزل هئي ۽ اڄ تائين به آهي. کين قائدِ اعظم جي اهائي ڳالهه وڻي هئي ۽ ان تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهن ته اردو هن ملڪ جي قومي ٻولي هوندي ۽ ڪڏهن ته اهو به چوندي ٻڌا ويا آهن ته اردو ٻوليءَ جي مخالفت معنيٰ پاڪستان جي مخالفت آهي يا اسلام جي خلاف آهي جنهن جا ڪيترا ئي شاهد اڄ به موجود آهن

·       سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ باقي ملڪ ۾ ڳالهائندڙ سمورين ٻولين کي پنهنجو ڪو خاطر خواهه رسم الخط آهي ئي ڪونه ۽ نه ئي وري هنن وٽ ڪو عالمي سطح جو ادب ئي آهي نه سندن ٻوليءَ جا ڪي وڏا ماهر ئي آهن. انهيءَ خوف کان پنجابي، پشتون ، ۽ بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي بلوچ ذاتيون مستقل رهائش پذير آهن ۽ اهي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن سنڌي ٿا. مون کي اها به ڄاڻ آهي ته بلوچي قوم جا ڪيترا ئي سردار سڳورا سنڌي ڳالهائيندا ۽ پڙهندا آهن. حيرت ته سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙن تي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جو 90 سيڪڙو سنڌي هجڻ جي باوجود اردو رسم الخط ۾ لکندا آهن

آخري ڳالهه اها آهي ته قومي اسمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جا ڪهڙا ميمبر آهن جيڪي ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ مڙني ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءَ مسئلن جي وڌڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن؟ جڏهن ته انهن مان ڪنهن به هڪڙي ميمبر ڪنهن به هڪڙي مسئلي جي نشاندهي نه ڪئي آهي. اڃان به کڻي ائين چئجي ته انهن مانوارن ميمبرن مان ڪيترا ٻولين جا ماهر آهن؟ ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي ملڪي ترقيءَ جي مددگار ثابت ٿيندي آهي يا تنزليءَ جي؟ ان جو جواب اهي سڀ ميمبر حضرات ڏئي سگھن ٿا؟ يا اها فقط سنڌ  ۽ سنڌي ٻولي دشمني  ئي ڄاتي وڃي؟

واڪا ڪرڻ مون وسِ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون

ملڪ جي مختلف حڪمرانن پنهنجن پنهنجن مفادن خاطر 1973ع جي آئين ۾ ڪيترائي صدارتي آرڊيننس ۽ قانوني شقون شامل ڪري سندس اصل چهري کي ڪنهن تجريدي آرٽ جيان مبهم ته ڪيو آهي پر جڏهن به ننڍن صوبن جي حقن جي حوالي سان ڪا ترميم ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ٿئي ته الائي ڇو وفاقي حڪومت کي ملڪ جي خودمختياري ۽ مضبوط وفاق ياد اچيو وڃي. 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ اردو کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي هاڻ جڏهن آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري، سنڌي پنجابي پشتو ۽ بلوچي لکي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ جدوجهد (خاص طور سنڌ ۾) ٿي رهي آهي تڏهن وري به وفاقي حڪومت کي ڄڻ ته ملڪ جي سالميت خطري ۾ محسوس ٿي رهي آهي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو سنڌي ٻوليءَ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي انهن زيادتين جا جيڪڏهن پيرا کڻنداسين ته اهو سلسلو قيام پاڪستان کان شروع ٿيندو محسوس ٿئي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ جڏهن شهيد الهه بخش سومري ۽ ڄيٺي سپاهيملاڻي چيو ته برصغير گهڻ قومي ۽ ثقافتي خطو آهي ٻه قومي نظريو مقامي ٻولين ۽ ثقافت جي لاءِ لٽڪندڙ تلوار آهي پر مسلم ليگي اڳواڻن ڌار ملڪ ٺاهڻ واري مسئلي کي ايتري ته اهميت ڏني جو ٻولي ۽ ثقافت جهڙن بنيادي مسئلن کي جوڳي اهميت نه ملي. قيام پاڪستان کان پوءِ مارچ 1948ع ۾ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڍاڪا يونيورسٽي ۾ تقرير ڪندي 56 سيڪڙو بنگالي عوام جي عام راءِ کي مڪمل نظرانداز ڪري اردو کي پاڪستان جي قومي/سرڪاري ٻولي بنائڻ جو اعلان ڪيو سندس تقرير دوران جڏهن ڪجهه بنگالي شاگردن سندس انهيءَ فيصلي/اعلان تي اعتراض ڪيو ته بنگالين کي پهريون ڀيرو ملڪ دشمن جو لقب به جهرڪن ڄائي ئي ڏنو هو ۽ چيو ته اردو جي خلاف ڳالهائيندڙ پاڪستان جا دشمن آهن. انهي سال ئي جواهر لعل نهرو هندي کي هندستان جي قومي ٻولي بنائڻ جو اعلان ڪيو ته مختلف صوبن پاران اعتراض اٿاريا ويا نيٺ نهرو کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو بعد ۾ هندستان سرڪار جن 22 ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو انهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل هئي پر قائداعظم آخر تائين اردو کي قومي ٻولي بنائڻ واري ضد تي قائم رهيو ۽ پاڪستان جي جاگرافي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن کان منهن موڙي مقامي ٻولين جي تاريخي اهميت ۽ افاديت کان انڪاري رهيو.

1956ع ۾ جڏهن ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽي اندر سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ بند ڪئي ته 4 سيپٽمبر 1956ع تي سنڌي شاگردن يونيورسٽي انتطاميا اڳيان ٺهراءُ رکيو ته سنڌي ٻولي يونيورسٽي اندر پڙهائي ۽ لکائي وڃي پر يونيورسٽي انتظاميا سندن ٺهراءَ کي رد ڪندي يونيورسٽي اندر سنڌي ٻوليءَ تي پابندي برقرار رکي. سنڌي شاگردن يونيورسٽي جي انهيءَ حڪم کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو نوجوان ذوالفقار علي ڀٽو سندن وڪيل ٿيو پر سنڌي شاگردن اهو ڪيس هارايو ۽ جيڪڏهن ڏسجي ته اهو ڪيس هارائڻ کان پوءِ ئي ذوالفقار علي ڀٽو سياست جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو اگر ڀٽو صاحب اهو ڪيس کٽي وڃي ها ته شايد وڪالت جي پيشي سان ئي منسلڪ رهي ها ۽ وڪالت کي خيرآباد نه چوي ها.

1959ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان هڪ ڪميشن ٺاهي جنهن فيصلو ڏنو ته سرحد پنجاب ۽ بلوچستان جو عوام اردو کي قومي ٻولي تعليم جو ذريعو تسليم ڪري چڪو آهي باقي سنڌي اڃان مادري ٻولي تي زور ڏيئي رهيا آهن تنهن ڪري کين ڏنڊي جي زور تي سڌو ڪيو وڃي. پنجاب جي مشهور قوم پرست دانشور مسعود کدرپوش وفاقي ڪميشن جي انهيءَ فيصلي تي اعتراض ڪندي چيو ته پنجاب ۾ جيڪي دانشور اردو کي قومي ٻولي تسليم ڪن ٿا اهي پنجابي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح شريڪ آهن اهي رياستي چال جو شڪار ٿي پنهنجي ٻوليءَ جي فنا جو رستو پاڻ هموار ڪري رهيا آهن ۽ پنجابين پنهنجي ٻوليءَ کي ڇڏي اردو کي ان ڪري پنهنجو ڪيو آهي جيئن بنگالين جي ٻولي بابت حق کي رد ڪري سگهجي، پنجاب جي دانشورن ۽ اڳواڻن پنهنجي ٻولي ۽ عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. مسعود کدرپوش جي انهيءَ ڳالهه کي پنجاب جي دانشورن ۽ اڳواڻن ڪابه اهميت نه ڏني ۽ کدرپوش جو اڪيلو آواز ٻولي بابت ڪوبه تحرڪ پيدا نه ڪري سگهيو. مسعود کدرپوش پنهنجي ٻولي جي حوالي سان ايترو ته حساس هيو جو هن ۽ سندس ڪجهه ساٿين پنجابي ۾ نماز پرهڻ شروع ڪئي جڏهن هنن ڏٺو ته پنجابي ۾ نماز پرهڻ سان ڪا مصيبت پيش اچي سگهي ٿي ته هنن اردو ۾ نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته جيئن اردو ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ پنجابي ۾ نماز پڙهڻ لاءِ راهه هموار ڪري سگهجي ڪجهه مذهبي ڌرين جڏهن انهيءَ تي اعتراض واريو ته کدرپوش کين اهو دليل ڏنو ته قرآن شريف ۾ به واضح نموني لکيل آهي ته ماڻهن ۾ خدا جو ڪلام سندن ٻولي ۾ پيش ڪريو ٻولي جي مسئلي ۾ جڏهن کدرپوش پنجاب ۾ اڪيلو رهجي ويو ته هن پنجابي جي دانشورن ۽ اڳواڻن کي اهو چئي خاموشي اختيار ڪئي ته فطري ٻولين جو استعمال کين پنهنجي ماضي، ڌرتي، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي لوڪ ورثي سان ڳنڍڻ جو وسيلو آهي اوهان اردو کي قومي ٻولي تسليم ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ جي راهه هموار پيا ڪريو. 16 ڊسمبر 1971ع تي کدرپوش جي اها ڳالهه تڏهن سچ ثابت ٿي جڏهن بنگالين ٻين مسئلن سان گڏ ٻولي جي مسئلي ۾ به احساس محرومي جو شڪار ٿي پاڪستان کان ڌار ٿي هڪ جدا ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ قوم جي حيثيت سان هڪ نئين ملڪ کي دنيا جي نقشي تي نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.

9 نومبر 1962ع تي سنڌي ماڻهن پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن ملهايو ۽ ڏنڊي جي زور تي سنڌي ماڻهن کي سڌو ڪرڻ واري فيصلي خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌايو. اقوام متحده جي تعليم، ڪلچر ۽ سائنس بات اداري (U.N.B. S.C.O) پاران 1953ع ۾ مادري ٻولي ذريعي تعليم بابت هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ٿي هئي ته ڪوبه ٻار صرف ۽ صرف پنهنجي مادري ٻولي ۾ بنان ڪنهن ذهني مونجهاري جي فضيلت سان بهتر تعليم پرائي سگهي ٿو. سنڌ جي عالمن ۽ تعليمي ماهرن به مادري ٻولي ۾ تعليم جي اهميت کي سمجهندي سنڌ اسيمبلي کي سنڌي ٻولي بابت قانون سازي ڪرڻ ۽ ان کي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ رائج ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ 1972ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي آئين جي آرٽيڪل 142 تحت انهيءَ تجويز کي مان ڏيندي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيڻ جو بل اسيمبلي ۾ آندو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بنائڻ خلاف جهيڙا ۽ هنگاما ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌي انهن فسادن ۾ شهيد ٿيا اردو ميڊيا سنڌي ٻوليءَ خلاف پنهنجي واويلا جاري رکي ۽ اردو ڪا جنازا هي ذرا دهوم سي نڪلي جهڙيون سرخيون ڏيئي نه فقط ٻرندڙ باهه کي ڦوڪون ڏنيون پر سنڌي ٻولي خلاف زهر به اوڳاڇينديون رهيون. سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيل اهو بل آئين جي آرٽيڪل 142 مطابق هيو پر قومي ميڊيا تعصب پسندي جو مظاهرو ڪندي آئين جي انهيءَ شق جي به انحرافي ڪئي. اردو ۽ قومي ميڊيا جي پريشر کي قبول ڪندي پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت مداخلت ڪري انهيءَ بل تي عمل درآمد روڪرائي ڇڏيو ۽ آئين جي شق 142 جي ڀڃڪڙي به ڪئي (آئين جي ڀڃڪڙي جي سزا ڇا آهي وفاقي حڪومت ان جي به پرواهه نه ڪئي)

هن وقت جڏهن وفاقي حڪومت صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ جي ڳالهه ڪندي نٿي ٿڪجي تڏهن سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ سنڌي عوام لاءِ هن حساس مسئلي تي سندس خاموش مخالفت هڪ اهڙو سوال بنجي ويئي آهي جنهن جي جواب کان سنڌي عوام منهنجي ذاتي راءِ موجب بلڪل واقف آهي حيرت ته ايوانن ۾ ويٺل انهن سنڌي ميمبرن تي آهي جيڪي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري متوقع بل تي ڪن لاٽار ته ٺهيو پر مخالفت ڪري رهيا آهن سيد نويد قمر جهڙن سياست دانن کي ڪهڙي خبر ته هن وقت سنڌي ٻولي سان ڪهڙا مسئلا لاڳو آهن ٻوليون ڪيئن فنا ٿينديون آهن ۽ کين ڪيئن بقا ملندي آهي.

اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيئي جهرڪن ڄائي قائداعظم سنڌ – پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خوا جي عوام سان جيڪا زيادتي ۽ ويساهه گهاتي ڪئي ان جو نتيجو اڄ خاص طور سنڌ ڀوڳي رهي آهي. قائداعظم کان پوءِ ايوانن ۾ موڪليل سنڌي ميمبرن جي لاپرواهي ڏسي تڏهن افسوس ٿو ٿئي، جڏهن اسان سنڌي ٻولي سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪندي ڪندي ڌارين جي ذڪر کان پوءِ پنهنجن جي ذڪر تي به لهي ٿا اچون. فراق هاليپوٽو

(Awazmi Awaz :Courticy )

سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي
سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي حسين ڪپري

جيئن چمن جي خوبصورتي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گل ان ۾ باغ بهاري ڏيکارين، تيئن پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ رهندڙ سڀني قومن جون ٻوليون ڦلن ڦولن. جيڪڏهن باغ ۾ رڳو گلاب جو گل هجي ۽ ٻيا گل نه هجن ته ان سان باغ جي خوبصورتي گهٽجي ويندي پر وڌندي ڪونه، ڀلي کڻي گلاب سڀني کا سهڻو گل ڇو نه هجي. گهڻين تهذيبن ۽ گهڻين ٻولين جو هئڻ دنيا جي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو. گڏيل قومن واري عالمي ادارو مختلف تهذيبن ۽ ٻولين کي انسانذات جو گڏيل سرمايو سمجهي ٿو ۽ ٻولين جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ڇو ته دنيا مان ڪنهن ٻولي جي مٽجي وڃڻ جو مطلب آهي ڪروڙن انسانن جو هزارن سالن جو ثقافتي خزانو هميشه ختم ٿيڻ.

انسان پنهنجا خيال مختلف ذريعن سان ٻين تائين پهچائي ٿو، جنهن ۾ راڳ، ساز، ناچ، بت تراشي. تصوير ڪشي ۽ ٻيا طريقا شامل آهن، پر اظهار جو سڀ کان وڌيڪ اثردار ۽ طاقتور ذريعو ٻولي آهي. لکين ڪروڙين سالن جي ارتقا ۾ڳالهائڻ هڪ اهڙو گڻ آهي جيڪو سڀني ساهوارن ۾ انسانن کي ممتاز ڪري ٿو! سکڻ ۽ سيکارڻ جو موثر ترين ذريعو به ٻولي آهي ۽ انهي ۾ به سڀني کان بهترين ذريعو مادري ٻولي آهي. هر ٻار کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ان ڪري ئي مادري ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪرڻ جو رواج سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ اها ڪا حيراني جي ڳالهه ڪونهي. ڀارت جي آئين ۾ درجنين ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪيو ويو آهي، جن ۾ سنڌي ۽ پنجابي ٻوليون پڻ شامل آهن.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ٻولين جي حوالي سان گهڻي بيچيني رهندي اچي پيئي، ڇو ته اڄ ڏينهن تائين انهي مسئلي کي درست نموني حل نه ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي قومي اسيمبلي ۾علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو بل بحث لاءِ پيش ٿيو. ويهن ميمبرن جي صحيح ٿيل انهي پرائيويٽ بل ۾ چيو ويو آهي ته بلوچي، پنجابي، پشتو، شينا/بلتي، سنڌي ۽ سرائيڪي کي به اردو جيان پاڪستان جون قومي ٻوليون تسليم ڪيو وڃي، ۽ اردو کي ڀلي رابطي جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته سرڪار انهن ٻولين جي ترقي لاءِ عملي قدم به کڻي.

جيئن پيش ڪيو ويو آهي جي تيئن منظور ٿي ويو، ته هي بل اڳتي هلي ڪيترائي نوان مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ڪندو. مثال طور گلگت ۽ بلتستان کي، جتي شينا ۽ بلتي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، آئين ۾ پاڪستان جو حصو نه ڄاڻايو ويو آهي. ٻيو ته شينا ۽ بلتي کي هڪ ٻولي سمجهيو ويو آهي، جيڪي اصل ۾ ٻه ٻوليون آهن. لڳي ٿو ته معزز پارليامينٽيرينز پنهنجي حصي جو هوم ورڪ ٺيڪ نموني نه ڪيو. بهتر آهي ته بل نئين سر تيار ڪري ٻيهر پيش ڪيو وڃي ۽ ان مان ابهام ڪڍيو وڃي. بهرحال، ان هوندي به انهن ماڻهن کي لک شابسون هجن، جيڪي هن ڪار خير ۾ حصو وٺي رهيا آهن. حقيقت ۾ هي ڪم گهڻو پهرين ٿي وڃڻ گهربو هو. قومي ٻولين جو هي بل درست سمت کنيل هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو دير سان کنيو ويو آهي. دير پنهنجي جاءِ تي، پرتڏهن به ڪير به ان جي افاديت ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي.

هن بل کي آئين جو حصو بنجڻ لاءِ ٻنهي ايوانن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، جنهن لاءِ زبردست لابنگ ۽ ڪوششن جي ضرورت آهي. رڳو بل پيش ڪري ڇڏڻ سڀ ڪجهه نه آهي، ڇو ته انهي کي رستي ۾ جيڪي اجائي مخالفت جا جبل اڪرڻا آهن، سو شروع ۾ئي ظاهر ٿي پيو آهي. اسٽيبلشمنٽ طرفان علائقائي ڀانيل ٻولين کي قومي درجو ڏيارڻ واري ڪوششن کي شڪ جي عينڪ لڳائي ڏٺو پيو وڃي. ماضي ۾ به ايئن ئي ٿيو آهي. بنگالي ٻولي کي تسليم نه ڪرڻ جي ڪري مشرقي پاڪستان لاءِ بنگال واري ڀاشا آندولن لاءِ راهه هموار ٿي.

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطلب آهي ته انهن ماڻهن جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي عزت ڏيڻ، جن سڀ کان پهرين پاڪستان کي عزت ڏني ۽ مان بخشيو. يعني انهن پاڪستان جي قيام جي قرارداد منظور ڪرائي ۽ ملڪ لاءِ جدوجهد ۾ پيش پيش هئا. تواريخ ۾ اها هڪ بي مثال قرباني هئي، جڏهن هڪ قوم جنهن جو هزارين سالن کان وٺي هڪ جدا ۽ ڌار تشخص هو، تنهن اسلام سان پيار ۽ عقيدت خاطر پنهنجي جداگانه ملڪي حيثيت تان هٿ کڻي، پاڻ ئي صوبائي رتبو اختيار ڪيو! ان قوم جي وفاداري تي شڪ ڪرڻ هڪ وڏو گناهه آهي. جيڪي پارٽيون، ڌريون ۽ ماڻهو ايئن ڪن ٿا اهي، ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا. سنڌ جو ساهه اڄ به پاڪستان ۾ آهي! سنڌي ٻولي کي زور وٺائڻ جو مطلب آهي پاڪستان کي زور وٺرائڻ.

عام طور ماهر چون ٿا ته ٻوليون زنده شين وانگر هونديون آهن، تنهنڪري اهي ڄمن، مرن ۽ جيئن ٿيون. ان ڪري ئي اسان وٽ ماءُ ٻوليون، ڌيئر ٻوليون، ڀينر ٻوليون، جيئريون ٻوليون، مئل ٻوليون ۽ ٻولي خور ٻوليون جهڙا اصطلاح به استعمال ٿين ٿا. هن جديد دور ۾ گلوبلائزيشن، انٽرنيٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي ٻين طاقتور ذريعن اصلوڪين ٻولين جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وڏيون ٻوليون ننڍين ٻولين کي تيزي سان ڳڙڪائي رهيون آهن. جڏهن هڪ قوم جا ماڻهو روزگار ۽ ٻين سماجي سببن جي ڪري ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ لڳن ٿا، تڏهن اصلي ٻولي جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو آهي. اهڙي ئي صورتحال ۽ مسئلا سنڌي ٻولي کي پڻ درپيش پيل آهن. سڄي دنيا ۾ اهڙين ٻولين کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ قانون جوڙيا پيا وڃن. اهو ئي سبب آهي جو هر سال سڀاڻي واري ڏينهن، يعني 21 فيبروريءَ تي، سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو به ملهايو ويندو آهي.

سنڌي ٻولي دنيا جي اوائلي ۽ قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. اها هزارين ورهين جي اٿل پٿل، قدرتي ۽ انساني آفتن کي برداشت ڪري، پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ سرخرو رهي آهي. ان ٻوليءَ جي انهي خاصيت کي ٻولين جا تواريخدان حيرت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا! هن وقت سنڌي ٻولي کي پنهنجي بقاءُ جو مسئلو درپيش آهي ۽ ان کي بچائڻ جي نئين تواريخ رقم ٿي رهي آهي. هي وقت آهي ته سنڌ جا حلالي فرزند اڳيان اچن، پنهنجي ماءُ ٻولي جي وارثي ڪن ۽ انهي جي جياپي کي يقيني بڻائين.

ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند
ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن، شاعرن، ساڃاهه وند سياسي ۽ سماجي قومپرست اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جلد ئي اقتدار ڌڻين جي اسلام آباد وارن ايوانن سامهون احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. ڪالهه سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي اولڊ ڪيمپس کان نڪتي جيڪا حيدرآباد پريس ڪلب وٽ پهچي جلسي واري صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ اديبن، دانشورن، سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

جيڪي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ نعريٰ هڻي رهيا هئا. پريس ڪلب سامهون جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌي ٻولي جو مسئلو قومي مسئلو آهي، سنڌي قوم پنهنجي وجود، ثقافت ۽ ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي. سنڌ سيو موومينٽ جي چيئرمين سيد شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي ادبي سنگت 0 6 9 1 ع جي ڏهاڪي ۾ تحريڪ هلائي ون يونٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، اڄ ان سنڌي ٻولي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي آهي، جيڪا پنهنجو مقصد ماڻي انجام تائين ضرور پهچندي ۽ سنڌي ٻولي صرف سنڌ جي نه پر ملڪ جي قومي ٻولي هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ٻولين وارو بل اسيمبلي مان پاس نه ڪرايو ته عوام جي حمايت سان کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ايس ٽي پي جي اڳواڻ مظفر ڪلهوڙو چيو ته سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتون ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ حڪمرانن جي ايوانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته سنڌي عوام مطالبو نه پر فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، جيڪڏهن حڪمرانن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏياريو ته سنڌي ٻولي جي ذريعي حڪمرانن کي شڪست ڏني ويندي ۽ سنڌي ٻولي جي ٽڪيٽ رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي چونڊن ۾ عوام ڪامياب ڪندو. عوامي جمهوري پارٽي جي چيئرمين ابرار قاضي چيو ته پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي عوام کي خواهش هئي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ملندي، پر رياست مسلسل ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪيو وڃي. ريلي ۾ جسقم اڳواڻ مسرور ٿيٻو، جسمم اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال خان، جسقم اڳواڻ سرور سهتو، قاسم آباد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محبوب ابڙو، فضل قادر ميمڻ، دليپ دولتاني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ
سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي ته 38 سال گذرڻ باوجود سرڪاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڪرڻ واري قانون تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي. عدالت اِهو حڪم اقبال ڪاظمي نالي شهري جي درخواست تي جاري ڪيو آهي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 251 موجب پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ ان سان صوبا علائقائي ٻولي پڻ ڪتب آڻي سگهندا آهن.

عرضدار موجب سال 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي لازمي طئي ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو هو جنهن تي گورنر صحي ڪئي ۽ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس طفيل ايڇ ابراهيم جي اڳواڻي ۾ بئنچ جي سامهون اڱاري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عرضدار اقبال ڪاظمي عدالت کي ٻڌايو آهي ته هُن ايڪٽ موجب سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ نوڪري جي لاءِ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ لازمي آهي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ميران محمد شاهه کان پڇيو ته ڇا سنڌي ٻولي ايڪٽ تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي جنهن جو جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ ان وقت گهريو. عدالت کيس چئن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ميران محمد شاهه ٻڌايو آهي ته سنڌ ٻولي ايڪٽ جي شيڊول موجب قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ سنڌي ٻولي کي 4 هين ڪلاس کان 12 هين ڪلاس تائين لازمي ڪرڻو هو. سندس موجب هن تعليم واري سيڪيٽري کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته ان قانون تي عمل ٿيو آهي يا نه ۽ چيف سيڪيٽري پاليسي ٺاهڻ وارو آهي ان کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان به وقت گهريو آهي.

1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جڏهن سندس سؤٽ ممتاز ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن سنڌي ٻولي کي صوبائي حڪومت جي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو هو. جنهن تي هڪ اردو اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ جي عنوان سان ڪالم شايع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ لساني وڳوڙ شروع ٿيا ويا هئا ۽ ڪيترا ئي ماڻهون ناحق مارجي ويا هئا.

سياسي تجزيه نگار جي اين مغل موجب ان صورتحال کانپوءِ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو اردو سنڌي دانشورن کي اسلام آباد گهرايو هو. سنڌي وفد جي اڳواڻي شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ڪري رهيا هئا جڏهن ته اردو اديب رئيس امروهي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي جن سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي مان ترميمي قانون پاس ڪيو ويو جنهن کي سنڌي ٻولي ايڪٽ ٽو چئبو آهي.

جي اين مغل چيو آهي ته ڳالهين ۾ اِهو طئي ڪيو ويو هو ته اردو ٻولي سان ڪجهه نه ڪيو ويندو. اردو ٻولي سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي به لازمي مضمون جي طور تي پڙهائي ويندي ۽ صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي هوندي. پر ڀٽو جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل نه ڪيو ويو.

سنڌ ۾ قومپرستن جو پراڻو مطالبو آهي ته سنڌي کي سرڪاري ٻولي جي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. هلندڙ سال 17 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو ته سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ٻولي جي طور تيپڙهايو ويندو.

( Courtesy Shia Dost Forum)

هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ٻولي لازمي طئي ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ اقبال ڪاظمي 12 مئي واري سانحي جي درخواست پڻ داخل ڪري چُڪو آهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته جيڪا معاملا ۽ وڳوڙ آهن انهن جي لاءِ هُن عدالت جو در کڙڪائڻ ضروري ڇو سمجهيو ته اقبال ڪاظمي چيو ته 70 واري ڏهاڪي ۾ لسانيت جو لاڙو هوندو هو پر هاڻي قوم هڪ آهي. سندس موجب اسانجي حڪومت قانون تي عمل ڪونه ڪري سگهي آهي انڪري هن عدالت جو در کڙڪايو آهي.

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو

اسان جي سنڏي قوم هڪ قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي ثقافت زندگيءَ جي رهڻ سهڻ جا پنهنجا طور طريقا آهن سنڌي قوم سان گڏ انهن جي ٻولي به قديم ٻولي آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل رد ڪيو ويو آهي هن بل جي جن مخالفت ڪئي انهن سڀني کي سنڌ واسين ٽي وي چينلن تي ڏٺو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي هئڻ جو درجو هئڻ گھرجي ڇو جو اها سنڌ واسين جي پياري ٻولي آهي جنهن شاهه لطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، مصري شاهه شيخ اياز نياز همايوني يوسف شاهين وغيره جھڙا شاعي اديب آهن سنڌي ٻولي رڳو سنڌ ۾ نٿي ڳالهائي وڃي پر پوري دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اتي ڳالهائي وڃي ٿي . جيئن ته سنڌي ٻولي لطيف جي ٻولي آهي هر سنڌ واسي جي ٻولي آهي ان کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي هن وقت جيڪي خانگي اسڪول آهن انهن ۾ ڪافي اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي جڏهن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو قانون پاس ٿيل آهي سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن پر سنڌي ٻولي اڄ به قائم ۽ دائم آهي اها سدائين قائم رهندي جيستائين سنڌي آهن سنڌي ٻولي جي جيون لاءِ اسان جي سنڌي جوڌن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن سنڌي ۾ ووٽر لسٽ ڇپايو ۽ ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي انهن ۾ سنڌين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي جو دور سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور کي چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌي ٻولي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا سنڌي ٻولي جي جاءِ تي فارسي کي رائج ڪيو ويو پر وري به سنڌي ٻولي سوڀاري ٿي اڄ به سنڌي ٻولي قائم ۽ دائم آهي جيئن ته اردو رابطي جي ٻولي آهي جيڪا مختلف ٻولين جي ملڻ سان ٺهي آهي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي سنڌي آهي اسان جي سنڌي ٻولي کي جيڪا انگريز جي دور ۾ ترقي ملي اها ٻي ڪنهن دور ۾ نه ملي ان وقت جي ڪمشنر اهو حڪم صادر ڪيو ته سنڌي ٻولي سکو ڳالهايو سنڌي ٻولي پڙهو باقاعده هنن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي جو درجو ڏنو سنڌي ٻولي جي رسم الخط ٺاهي . تازو روزاني ڪاوش ۾ هڪ مضمون مون پڙهيو جيڪو معلوماتي هو اهو هتي آئون ڪاوش جي ٿورن سان ڏيئي رهيو آهيان جيڪو بدين جي محمد خان سمون لکيو آهي جيئن اسان جي سنڌين جي علم ۾ اضافو ٿئي اٺين صدي عيسوي ۾ سياح عالم اچاريا ادوتن سورا شٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تحقيق لاءِ سنڌ ۾ آيو هن ڪوليا مالها ڪٿا ۾ سنڌ ۽ سنڌي شاعرن جي ساراهه ڪئي منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباري جي زماني ۾ هڪ عرب عالم جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو هو تنهن پهريون دفعو قرآن شريف جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو سومرا دور ۾ عربي سان گڏ سنڌي ٻولي کي سڳتي وڌڻ جو موقعو مليو مسلمان سنڌي عالم عربي سان گڏ سنڌي به لکندا هئا پير صدرالدين جيڪو ايران جو هو جنهن سنڌي ٻولي جي الف ب ٺاهي جنهن ۾ چاليهه اکر هئا جنهن کي چاليهه اکري چئجي ٿو يارهين ٻارهين صدي ۾ ڍٽي جي عالم مخدوم ابو الحسن سنڌي کي رسم الخط ڏني جنهن کي ابو الحسن واري سنڌي چئجي ٿو 1843 ع انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو 1851ع ۾ تڏهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئير هڪ سرڪاري حڪم ذريعي سڀني آفيسرن کي سنڌي سکڻ ۽ اهڙو امتحان پاس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هڪ مقرره رسم الخط ضرور سمجھي ويئي جنهن جي لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن 1853ع ۾ موجوده سنڌي جي رسم الخط تيار ڪئي 29 آگست 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر هڪ حڪم نامو جاري ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو اهو به حڪم صادر ڪيو ته جيڪڏهن ڪو فارسي ۾ درخواست لکي ته ان سان گڏ ان جو متن سنڌي ۾ لکي 1882ع ۾ تعليم کاتي جي طرفان هڪ سنڌي اخبار جاري ڪئي ويئي 1942ع ان دور جي حڪومت سنڌي ٻولي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو جنهن جو نالو بورڊ آف ايڊوانسمينٽ آف سنڌي لٽريچر هو جو بنياد رکيو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ نالي سان سڃاتو ويو جيڪي هتي انگريز هئا انهن سنڌي ٻولي جي حيثيت کي سڃاتو ان کي دفتري ٻولي طور رائجھ ڪيو اڄ سنڌي ٻولي اها حيثيت نه آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي اسان چئون ٿا سنڌي ٻولي سان گڏ پشتو سرائيڪي پنجابي ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي بشڪريه روزاني ڪاوش حيدرآباد پهرين فيبروري 2011ع اسان کي مثي ڏنل مضمون مان اها خبر پوي ٿي انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت هئي اڄ جڌهن صوبي ۽ وفاق ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ته پوءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي اسان اها گھر ڪيون ٿا ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اها دفترن ۾ رائج ڪئي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي پڙهايو وڃي جيڪي اسڪول نٿا پڙهائين ته انهن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌي ٻولي جي مضمون کي اسڪولن جي اندر پڙهائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جيڪا سنڌي ادبي سنگت جدوجهد ڪئي اها ڪنهن کان لڪل نه آهي اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي:  خادم گھراڻو

”سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم شروع“ادبي سنگت پاران سڄي سنڌ ۾ ريليون
”سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم شروع“ادبي سنگت پاران سڄي سنڌ ۾ ريليون

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز لغاري) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڪالهه پهرين فيبروري کان سنڌي ٻولي قومي ٻولي، قومي ٻولي جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ پريس ڪلب اڳيان برک ڏاهي محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، مهر النساءَ لاڙڪ، يوسف سنڌي ۽ تاج جويي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، وڪيلن سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ گهر ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي سميت چئني صوبائي ٻولين، پنجابي، بلوچي، پشتو کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. ان موقعي تي محمد ابراهيم جويي چيو ته پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪرڻ واسطي فوري طور تي ٻولي ڪميشن ڍاهي وڃي ۽ سنگت جي ٻولي جاڳرتا مهم وقتائتي آهي. حڪومت کي گهرج ته بنگال جي سانحي مان سبق وٺي چئني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏي، سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو  ڏيڻ لاءِ سنگت ڊگهي عرصي کان جدوجهد هلائي رهي آهي، اسين ڪنهن به ٻولي جي خلاف ناهيون فقط پنهنجو حق ٿا گهرون. ابرار قاضي چيو ته هر طبقي  کي سنگت جي هن ٻولي مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان قرارداد پاس ڪري، وفاق کان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. يوسف سنڌي  چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل کي منظور ڪرڻ کان اڳ ان ۾ ڪن اهم ترميمن جي ضرورت آهي، آپا نذير ناز چيو ته اسان سنڌي ٻولي تان پنهنجو سر به قربان ڪري ڇڏينداسين. فضل قادر ميمڻ چيو ته وڪيل برادري هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺندي. مظفر ڪلهوڙي چيو ته قومن جي مطالبن کي اهميت نه ڏيڻ سان ملڪ لاءِ خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌي ٻولي پاڪستان جي سڀني ٻولين کان ترقي يافته ٻولي آهي، ان موقعي تي زيب نظاماڻي اسٽريٽ ٽيبلو پيش ڪيو. ريلي ۾ ڄام ساقي، ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، نور گهلو، امين لاکو، خالد آزاد، حفيظ ڪنڀر، زيب سنڌي، عبيد راشدي، نظير قريشي، سليم رضا سومرو، ڊاڪٽر اشو ٿاما، اسلم بلوچ، هوش محمد ڀٽي، علي اظهار سميت سوين اديبن شرڪت ڪئي.

(Daily Ibrat)

سنڌي ٻولي قومي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي

قومي ٻولي جو مسئلو پاڪستان ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شروع ٿيو هو، جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ جذباتي ڏي وٺ کان پوءِ ڪانگريس اهو اعلان ڪيو هو ته اسان جو ملڪ جدا ٿيڻ کان پوءِ ڀارت جي قومي ٻولي ”هندي“ ٿيندي ۽ قائداعظم ان وقت اهو سياسي بيان ڏنو هو ته پاڪستان قائم ٿيو ته ان جي قومي ٻولي ”اردو“ ٿيندي. قائداعظم جي ان وقت تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو ايترا ماڻهو پاڪستان ۾ اردو ڳالهائڻ وارا ويندا جو اتي ٻولي اردو ڳالهائي ويندي. هي هڪ سياسي بيان هو جنهن جي ڪابه اهميت ڪانه هئي ۽ پوءِ اهو هڪڙو اتفاق ٿيو جو بنا ڪنهن اصول جي بنا ڪنهن طئي ٿيل معاملي جي، اردو ڳالهائڻ وارا وڏي تعداد ۾ هتي ڪاهي آيا ۽ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ اهو چيو ويو هو ته جيڪي به مسلم اڪثريت جا علائقا پاڪستان ۾ شامل ٿيندا اهي خود مختيار رياستون هونديون. جڏهن خودمختيار رياستن وارو اهو ٺهراءُ عمل ۾ اچي ها ته جيڪي به هن وقت صوبا آهن پاڪستان ۾ انهن جون ٻوليون به خود به خود قومي ٻوليون بڻجن ها. ڇاڪاڻ ته انهن سمورن صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو قوم هجن ها.

خودمختيار رياستون هجن ها ته اهي قوم هجن ها، قومي ٻولي قوم جي ئي ٿيندي آهي جيڪا قوم آهي ان جي ٻولي از خود قومي ٻولي آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻه قومي نظريو ٻڌايو ويو. يعنيٰ ٻه قومون هڪڙي هندو قوم ۽ ٻي مسلمان قوم ۽ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته انهن چيو ته هي ملڪ مسلمان قوم جو آهي تنهن جي ڪري هيءَ هڪڙي قوم آهي ۽ هندو ٻي قوم آهي. پاڪستان ۾هڪڙي قوم آهي تنهن جي ڪري انهن جي قومي ٻولي هڪ ٿيندي. اڄ تائين اهو اصول سڀني آئينن ۾ رهندو ٿو اچي ته پاڪستان هڪڙي قوم آهي هڪڙي قوم جو ملڪ آهي تنهن ڪري هڪڙي قوم جي ٻولي هڪڙي ٿيندي جيڪا اردو آهي، جنهن کي انهن تسليم ڪيو. 1973ع جي آئين ۾ به ايئن ئي چيل آهي ته اردو ٻولي قومي ٻولي آهي. انهيءَ جي ڪري اها بنيادي طور هڪڙي غلطي ٿيندي اچي پئي ۽ قومي ٻولين جو جيڪو مسئلو آهي سو انهيءَ ڪري حل نه ٿي سگهيو آهي. اوهان کي اها خبر آهي ته اسان جي نياڻي ماروي ميمڻ اسان جو هيرو يوسف ٽالپر ۽ غوث بخش مهر جن سنڌ اسيمبلي ۾ بل آندو آهي.

اسان جي خالد محمود سومري سينيٽ ۾ بل آندو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته اهو اسان جو بل منظور ٿيندو، ان کي منظور ٿيڻ لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کپي پنجاب انهي ڪري مخالفت ڪندو ان جا ميمبر اسان کي ووٽ نه ڏيندا جو انهن کي سرائڪي ٻولي ۽ سرائڪي صوبي جو ڊپ آهي ڇو ته سرائڪي ٻولي قومي ٻولي ٿي سگهي ٿي ۽ سرائڪي صوبو به ٺهي سگهي ٿو، تنهن بعد اردو وارا مهاجر انهي ڪري ووٽ نه ڏيندا جو انهن جي ٻولي قومي ٻولي مڃيل آهي ۽ انهن جي هڪ هٽي آهي تنهن جي ڪري هو نه رڳو ووٽ نه ڏيندا پر ڪجهه وقت پوءِ اوهان ڏسندا ته ان جي ميڊيا سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي ڪيئن دليل ڏيندا، منطق پيش ڪندا ۽ هر قسم جي مخالفت جو منهن ڏسڻو پوندو.

بلوچستان ۽ سرحد جي پوزيشن اها آهي جو اوهان ڏٺو هوندو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته ارسا جو جيڪو اجلاس ٿيو ان ۾ سنڌو ندي جي پاڻي جي ورڇ تي ۽ ڪالاباغ ڊيم تي جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته سرحد وارا ۽ بلوچستان وارا خاموش رهيا. انهن اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي اها آهي پوزيشن. ڇا ان بل تي ووٽ ملندا. ان لاءِ اسان کي ووٽ گهرجن.

هاڻي اچون ٿا پيپلز پارٽي تي پيپلز پارٽي جو هڪڙو 1973ع جو قانون شهيد بينظير ڀٽو قائد جو تنهن ۾ اها شيءِ لکيل آهي/درج ٿيل آهي ته اردو قومي ٻولي آهي، تنهن کان پوءِ انهن جي پاليسي مفاهمت جي آهي، هنن جي پاليسي رهندي ۽ ان ڪري پيپلز پارٽي وارا به ووٽ نه ڏيندا. تنهن جي ڪري دوستو اها اميد نه رکو ته اوهان جو بل سينيٽ ۾ يا قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندو.

57-1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو مسئلو اٿاريو هو ۽ تڏهن کان وٺي اهو معاملو هلندو ٿو اچي تنهن جي ڪري آئون مايوسي واري ڳالهه ڪونه ٿو ڪيان منهنجو اهو ايمان آهي. اسين قوم آهيون پختون به قوم آهي بلوچ ۽ پنجابي به قوم آهن. انهن جون ٻوليون به قومي زبانون آهن. فقط تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اهو ڪڏهن به تسليم نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته اسين پاڪستان رهون ٿا، جتي ڪوبه قائدو قانون ڪونه ٿيندو آهي ڪابه آئين جي پوئواري ڪانه ٿيندي آهي. ڪنهن به بحث مباحثي جي ضرورت ڪانهي فقط اهو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي رياست ناهي، پر هڪڙي قوم رهي ٿي، هتي سڀ مسلمان قوم آهي. پاڪستان جي قوم هڪڙي آهي. ٻولي اسان جي هڪڙي آهي اسان جو ڪنهن ٻولي سان وير ڪونهي پر جيڪا ٻولي ٻين ٻولين جو استحصال ڪري اها ٻولي جيڪا آهي تنهن سان اسين تصادم ۾ اچي سگهون ٿا. بشرط اسان ۾ سگهه هجي پر اسان ۾ اها سگهه ناهي. ڳالهيون ته اسان ڪيون ٿا پر اڄ تائين اسان ڪابه پلاننگ ناهي ڪئي ۽ ڪا سگهه به نه آهي ته پوءِ اسان اهڙي ڳالهه ڇو ڪريون. جيڪا شيءِ ممڪن ئي ناهي اها ڪهڙي نموني سان ٿئي؟

ان تي ته ڪير سوچي ڪونه ٿو، جيڪڏهن فقط اسان چئون ته هيئن ٿئي، سو اسان جي خواهشن سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ پنهنجي طرفان جاڳرتا ڪري رهي آهي جيڪو تمام سٺو عمل آهي. کيس کيرون لهڻي جو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي ساڻ ڪانفرنسون، گڏجاڻيون ڪري رهي آهي ڪوشش ڪرڻ به سٺو عمل آهي. ان کان سواءِ سينيٽر خالد محمود سومري، يوسف ٽالپر، ادي ماروي ميمڻ ۽ غوث بخش مهر کي به شاباس هجي جو انهن آواز اٿاريو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم جاڳي جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري. ٻي صورت ۾ پوءِ وقت ويندو نڪري ۽ پوءِ ويلُ وقت واپس ناهي ايندو.

نور محمد خاصخيلي

(Courtesy: Awami Awaz)

سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ جي صلاح
سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ جي صلاح

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو۔۔۔۔۔۔۔ عوامي آواز ) سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ محققن، قومي اسيمبلي ميمبرن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پيش ڪيل بل جي ساراهه ڪندي بل جي مسودي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي گهرجي ته ٻولي جهڙي معاملي تي متفقه لائحه عمل تيار ڪري گڏيل جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪن ته جيئن صدين کان شاهڪار تهذيب جي مالڪ سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ اعليٰ ايوانن تائين آواز اٿاري سگهجي. ڪالهه ثقافت کاتي پاران سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي هال ۾ ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، ڪيس “جي عنوان هيٺ ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي ، نامور محقق ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو، ٻولي بابت پيش ڪيل بل کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته بل ۾ ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان مادري ٻولين بدران پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني يونٽن جي زبانن کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريون. هن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان سنڌ لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا، بل پاس ٿيڻ سان سنڌ ۾ ٻاهرين ٻولين کي شراڪت ملندي ۽ بل پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو اصل ڪيس متاثر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان ۾ ٻولي ڪميشن قائم ڪري هڪ جامع اڀياس ڪيو ويو، جنهن بعد اتان جي سمورين ٻولين جي درجه بندي جو فيصلو ڪيو ويو، پر پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ڪميشن تيار نه ڪري اردو ٻولي کي سمورين قومن تي اوليت ڏني وئي. هن چيو ته سنڌ جو قوم پرAست موقف آهي ته پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني علائقن جي زبانن کي قومي درجو ڏنو وڃي، جنهن تي عمل نه ٿيڻ سان علائقن جي تهذيب ۽ ثقافت جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته خانگي ميمبرن طرفان قومي اسيمبلي ۾ اهڙو بل پيش ڪرڻ مثبت قدم آهي پر سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ان مسئلي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪندڙ سمورين پارٽين متحده قومي موومينٽ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين کي ان معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪرڻو پوندو ۽ گڏجي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن سنڌي ٻولي جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ٻولي جو معاملو اڃان تائين اڌورو رهڻ گهڻي وقت کان اقتدار ۾ رهندڙ هتان جي سياسي پارٽين لاءِ سوال بڻيل آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي پر ان جي مسودي ۾ خامين تي اڳواٽ صلاح مصلحت لازمي هئي. هن چيو ته حڪومت سنڌ ي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ بابت عوامي جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ ويچاري رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌي توڙي قومي ميڊيا کي گهرجي ته اها هن معاملي تي پنهنجو قومي فرض نڀائيندي عوام ۾ ڄاڻ پکيڙي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي اديبن، دانشورن ۽ صحافين جا مذاڪرا ڪرائي انهن کي ٻولي جي معاملي تي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته ثقافت کاتي پهريون ڀيرو نامور محقق محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي بابت هڪ ڪميٽي تيار ڪئي آهي، جنهن ٻولي بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ تمام جلد هن ڪميٽي جو هڪ وفد اسلام آباد ۾ وڃي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻولي واري بل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ثقافت بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري کين ٻولي معاملي جي حساسيت کان آگاهه ڪندي. صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته موجوده حڪومت سنڌي ٻولي سميت سمورين ٻولين جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن ڪوششو ن ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان ٻولين وچ ۾ ڪنهن به قسم جو تڪرار يا ٽڪراءُ پسند نٿا ڪريون. نامور محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته ٻولي جو معاملو علمي، ادبي يا جذباتي نه پر هڪ قانوني مسئلو آهي، جنهن تي هڪ جامع ڪميٽي جوڙي مڪمل مسودو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ترقي يافته ٻولي صرف سنڌي ئي آهي، جنهن جي مدد ڪرڻ سان ٻين علائقائي ٻولين کي فائدو پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا ڪامورا ملڪ ۾ هڪ ٻولي کي قومي ٻولي طور برقرار رکڻ جو خيال رکن ٿا، تنهن ڪري ملڪ جي سمورن اديبن جي قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ان معاملي تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اتر ۾ ڳالهايون ويندڙ مختلف ٻولين کي بل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته بل جي ڪمزورين کي پڻ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻولي جي معاملي تي سمورين ڌرين جي حمايت لازم بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري هن بل جي باري ۾ مڪمل آگاهي ۽ عملدرآمد هر شخص جو فرض آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا تجويز ڏني ته اردو يونيورسٽي جي طرز تي سنڌي يونيورسٽي به قائم ٿيڻ گهرجي. ذوالفقار هاليپوٽي ٻولي بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته بل تي نظرثاني جي ضرورت آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تجويزون ۽ سفارشون تيار ڪيون وڃن. ليکڪ انعام شيخ چيو ته ٻولي بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ گڏيل ايڊيٽوريل ۽ ٽي وي چئنلن تي اشتهاري مهم هلائڻ گهرجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي سربراهن جون سفارشون پڻ حاصل ڪيون وڃن ته جيئن مٿين سطح تي ان بل ۾ تدريسي ۽ تعليمي پهلو پڻ واضح ٿي سگهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته بل جي ڪاميابي يا ناڪامي قومي اسيملي جي ميمبرن تي منحصر آهي، جڏهن ته بل ۾ رهيل ٻولين کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. نامور شاعر امداد حسيني ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي زيادتين جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا آهن، ان ڪري هن وقت سمورين ڌرين جي گڏيل صلاح مصلحت سان ان معاملي کي اڳتي آندو وڃي. مذاڪري ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، حميد سنڌي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، زيب سنڌي، قاضي خادم، تاج جويو، حفيظ ڪنڀر، مهرالنساءَ لاڙڪ، حاڪم علي شاهه بخاري، عبدالغفار صديقي ۽ ٻين پڻ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ٻولي بل جي حوالي سان ويچار ونڊيا ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. بعد ۾ ڊاڪٽر فهيمده حسين مذاڪري ۾ قرارداد پيش ڪندي قومي اسيمبلي ۾ ٻولي بل پيش ڪرڻ تي ايم اين اي ماروي ميمڻ، يوسف غني ٽالپر، غوث بخش مهر ۽ ٻين کي مبارڪ ڏيندي بل جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پارلياماني ڪميٽين تي زور ڀريو ته اهي هن بل جي اتفاق راءِ سان حمايت ڪن. هن اديبن، عالمن، سول سوسائٽي، ميڊيا جي نمائندن، سنڌي ۽ اردو دانشورن تي زور ڀريو ته اهي هن بل بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته اها ٻولي بابت قانون سازي کان اڳ اشتهاري مهم شروع ڪري. هن يونيورسٽين جي سربراهن تي زور ڀريو ته اهي سنڌي کي آفيس ٻولي طور استعمال ڪن.

Awami Awaz

سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن (Aspirated) جي حقيقت
ع۱۸۵۳ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا رسم الخط جوڙي وئي، تنهن جو گھڻو مدار ابوالحسن ٺٽويءَ جي جوڙيل آئيويٽا ۽ پراڻن ڪاتبن جي جوڙيل اکرن تي هيو. موجوده عربي – سنڌي آئيويٽا جنهن کي ايلس جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سا دراصل هڪ- اڌ اکر (خاص طور ’ٺ‘) جي سڌاري سان مشن هائوس جي هارون لوهار جي ترتيبيل آهي؛ هن آئيويٽا ۾ وسرڳن (ٿ، ڀ، ک، گھه، جھه، ڇ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ ) جو ڪل تعداد ڏهه (۱۰) آهي.

جولاءِ ۱۸۵۳ع ۾ ’ايلس واري ڪميٽيءَ‘ طرفان مقرر ڪيل آئيويٽا ۾ چند اکرن جي شڪل جي ردوبدل بعد موجوده جيڪا مذڪوره ’ايلس واري پٽي‘ ڪوٺي وئي؛ سا ۱۸۵۴ع ۾ پهريون دفعو مشن هائوس جي ڪنهن هارون لوهار جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي هئي. جنهن سبب موجوده آئيويٽا کي ايلس به پنهنجي رپورٽ ۾ ان کي سڌاريل سنواريل (revised) ڪوٺيو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب غلط فهميءَ سبب ان کي اڳين عالمن جي ترتيب ڏنل ڄاڻائي ايلس واري پٽيءَ کي سڌاريل سنواريل ڄاڻائي ايلس جي رپورٽ وارن لفظن کي حوالي طور ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان تحقيق موجب خيال ڏيکارينْدي لکي ٿو ته: ”هن کانْ اڳ اڪثر ائينْ پئي سمجھيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف- بي نئينْ سر ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف- بي تي نظر ثاني ڪري ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سانْ رائج ڪيو ويو … ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل الف- بي کي ’نئينْ سر ايجاد ڪيل‘ الف- بي بدران صحيح طور تي ’نظر ثاني ڪيل‘ الف- بي (the alphabet revised) سڏيو آهي.“ (۱)

ان آئيويٽا کي سرڪاري طور درسي توڙي انتظامي ادارن ۾ عام ڪيو ويو. چند عالم ان ترتيبيل آئيويٽا کان سـهمت نه ٿيندي پنهنجي رنگ ڍنگ جون آئيويٽائون جوڙيون. ۱۸۵۸ﻉ کان اڳ خليفي گل محمد گل ۵۵ اکرن تي مشتمل هڪ آئيويٽا جوڙي، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ’ديوان گل‘ ۾ ڪم آندي. هن ۾ وسرڳن جو تعداد ڪل تيرهن (۱۳) ڄاڻايل آهي، جن ۾ هاڻوڪي آئيويٽا جي نسبت ٽي (۳) وسرڳ (ڙـهه، نهه، لهه) وڌيڪ ڄاڻايل آهن، جڏهن ته عام استعمال ٿيندڙ ’مهه ۽ ڻهه‘ڄاڻائي ڪونه سگھيو. (۲)

ان بعد ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۱۸۵۴ع بعد پنهنجي عربي – سنڌي آئيويٽا ترتيب ڏني. جيڪا هن پوءِ ۱۸۶۶ﻉ ۾ لپسيا جرمنيءَ مان ’شاهه جو رسالو‘ جي ڇپائيءَ ۾ ڪم آندي. وسرڳن جي اکر/ شڪل لاءِ هن مستشرق عالم گھڻو تڻو ان وقت جي رائج هندستاني (اردو دکني) رسم الخط، مخدوم ابوالحسن ۽ خليفي گل جي بيهاريل آئيويٽا جي پوئواري ڪندي هر وسرڳي اکر ۾ جنسي ’ـهه‘ جو اضافو ڪيو. جيئن: ’بهه = ڀ، تهه = ٿ، ٿهه = ٺ، چهه = ڇ، د ـهه = ڌ، ڐ ـهه = ڍ، پهه = ڦ، کهه = ک‘.جنهنجو مقصد برصغير ۾ ساڳين اکرن جي صورت ڪم آڻڻ هو؛ پر جيئن ته اهي اکر سنڌي ٻوليءَ جي مجاز مطابق نه هجڻ ۽ لفظن ۾ مونجھارا پيدا ٿيڻ جي امڪان سبب ان وقت جي اختياريءَ وارن پاران ڊاڪٽر ٽرمپ جي آئيويٽا کي تقويت ڪانه ملي. (۳)

ان بعد ۱۹۲۰ﻉ ڌاري مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ ايلس واري پٽيِءَ /آئيويٽا جي ورڇ ۽ ترتيب تي تنقيد ڪندي ديوناگري طرز تي مخرج موجب پنهنجي ترتيب بيهاري. تنهن ۾ پڻ مرزا صاحب وسرڳن جي صورتخطيءَ بابت موجوده عربي –سنڌي رسم الخط تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: ”اردو ٻوليءَ ۾ به عربي رسم الخط ڪم آيل آهي مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي. جن اکرن ۾ ’هي‘ جو آواز لڪل آهي، تنهن جي پٺيان ’ـهه‘ جو اکر لکندا آهن؛ پر سنڌي الف_ بي ۾ ڪن اکرن ۾ ’هه‘ وڌي اٿن، ڪن ۾ نه! تنهن ڪري چئبو ته ٺهرايل الف_ بي عيبدار آهي. مثلاً سنڌي اکرن مان هيٺيان ’هي‘ سان گڏيل آهن، جي لکڻ به ’هي‘ سان گھرجن؛ يا ته وري هر هڪ لاءِ ڌار صورت ٺهرائڻ کپندي هئي. ’هي‘ سان گڏ لکيل اکر فقط هي آهن: ’گھ‘، ’جھ‘. انهن وانگي ’ڀ‘_ ’بهه‘ هئڻ گھرجي، ’ٿ‘ _ ’تهه‘ هئڻ گھرجي. ’ٺ‘ _ ’ٽهه‘، ’ڦ‘ _ ’پهه‘، ’ڇ‘ _ ’چهه‘، ’ڌ‘ _ ’دهه‘، ’ڍ‘ _ ’ڊهه‘ ۽ ’ڪ‘ _ ’ڪهه‘. جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ ’هي‘ آواز سان گڏيل اکر آهن. جي ’هي‘ سان لکڻ ۾ ٿا اچن. تڏهن الف _ بي ۾ ائين ڪرڻ گھربو هو. جيئن: ’ڪالهه‘، ’ڳالهه‘، ’ملهه‘ وغيره. جن ۾ لام سان گڏ ’هي‘ جو آواز آهي. ’مڙهه‘، ’ڪڙهه‘، ’وڙهڻ‘ وغيره جن ۾ ’ڙي‘ سان گڏ ’هه‘ جو آواز ٿو اچي. ’سنهون‘، ’اونهون‘، ’ٻانهون‘ وغيره، جن ۾ نون سان گڏ ’هي‘ جو آواز ٿو اچي. (۴)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ مرزا قليچ بيگ جيان مخرجي ترتيب بيهاريندي هيٺين راءِ ڏني ته: ”پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي صوتيات‘ ۾/ مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آهي. اهي حقيقت ۾ ٻن صوتين جو ميل (Conjunct Consonants) آهن.“ (۵)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو خيال آهي ته / مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ مفرد صوتيه نه بلڪه مرڪب صوتيه يعني ٻن صوتين جو ميل آهي. حالانڪ انهن اهڙن وسرڳ صوتين جو تصور هندي زبانن ۾ پڻ آهي، انکان علاوه اها ڳالهه بين الاقوامي طور تي پڻ طئي شده آهي ته اهي مرڪب نه پر مفرد صوتيه آهن. اهڙو اظهار ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مقالي ” ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائيءَ “ ۾ ڪري ٿو ته ” علم لسان جي قديم ماهرن جو خيال هو ته هائيه اصوات ۽ علامات مثلاً : ک، گھ وغيره حقيقت ۾ مرڪب ۽ مخلوط آواز آهن، پر ويجھڙائيءَ واري دور ۾ ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ۾ ”هه“ اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿي جو سڄو آواز هڪ ئي شڪل۽ جھٽڪي ۾ ادا ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هي مفرد آواز آهن ۽ لسانياتي اعتبار کان انهن کي هڪ مستقل صوتيه جي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ مسئلي کي پهريائين صوتياتي علمن جي ٻي بين الاقوامي ڪانفرنس منعقده لنڊن ۱۹٢۵ﻉ ۾ انهيءَ نموني پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن انجي فائدي ۾ وقت بوقت پئي لکيو آهي. هينئر جديد علم لسان جي نقطهء نظر کان ٿ، ڀ، ک، گھ، جھ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙﮫ مفرد وسرڳ وينجن آهن. ت، ب، ڪ، گ، ج، پ، ٽ، د، ڊ، م، ن، ل، ڻ ۽ ڙ انهن آوازن جا اوسرڳ آهن.“( هن حوالي ۾ ميمڻ صاحب ”ڇ“ وسرڳ ڄاڻائي نه سگھيوآهي، جنهن جو ”چ“ اوسرڳ آهي.) (۶)

اسان جي گل مرحوم جيڪا آئيويٽا تيار ڪئي آهي، ان مان معلوم ٿيندو ته: ڀ، ٿ، جھ، ڌ، ک ۽ گھ وغيرهه کانسواءِ ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، ۽ نهه لاءِ به جدا حرف مقرر ڪيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته هن صوتي نقطهء نظر کان ”هائيه اصوات“ يعني وسرڳ وينجن کي مفرد آواز مڃيو ٿي.“ (۷)

۱۸۵۳ع واري ترتيب کي اکر جي ٽٻڪن ۽ هم شڪليءَ واري ۱۹۳۵ع واري ترتيب سان مٽايو ويو، ان بعد ۱۹۶۰ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ’جامع لغات سنڌي‘ جي پهرين جلد ذريعي ۱۸۵۳ع واري ترتيب ۾ صرف هڪ اکر ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي هم شڪليءَ جو سبب ڄاڻائيندي نئين ترتيب ڏني جيڪا اڄ سوڌو مروج آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اهڙي ڦير گھير بابت تنقيدي راءِ رکندي لکي ٿو ته: ”هن پٽيءَ ۾ ”ڦ“ کي ”ف“ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياتي نظام کان واقف نه هئا. در اصل ”پ“ ۽ ”ڦ“ صرف [پ] ۽ [ڦ] آوازن جون لکيل صورتون آهن. اهي ٻئي آواز سنڌي صوتيات ۾ هڪڙي ئي خاندان /گروهه وارا آهن. اهي ٻئي ٻن چپن وارا ڌوڪڻا آواز آهن، ٻنهي ۾ فرق هي آهي ته ”پ“ هلڪو اوسرڳ آهي ۽ ”ڦ“ انجو هلڪو وسرڳ جوڙ آهي. ”ف“ ۽ ”ڦ“ آوازن وچ۾ ڪوبه لڳ لاڳاپو ڪونهي، اهي ٻئي آواز گروهن ۽ مخرج ۾ ڌار ڌار آهن. ”ف“ ڏندن _ چپ گاڏئون هلڪو گھسڪيداروينجن آهي، انهيءَ ڪري ”ڦ“ ۽ ”ف“ جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هڪجهڙائي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو ايلس واري ڪاميٽيءَ ”ڦ“ لاءَ مخدوم ابوالحسن جي الف_ بي جي چارٽ ۾ مقرر ڪيل اکر ”ف“ ۽ ”پهه“ لاءَ هڪ ئي اکر ”ڦ“ مقرر ڪيو.“ (۸)

مٿين حوالن مان جيڪو اهم نچوڙ بيهي ٿو، سو اهو ته موجوده عربي – سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳن جو ڪل تعداد ڏهه ڄاڻايل آهي؛ جيئنْ: ڀ، ٺ، ٿ،ڦ، ک، ڌ، ڍ، ڇ، جھ، گھ. جڏهنْ ته پنج وسرڳ لهجاتي فرق سبب نظر انداز ڪيل آهن، سي آهن: ’ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه.‘ ان کان علاوه نظر انداز ٿيڻ جوڳا وسرڳ هي آهن: ’ڏهه، رهه، وهه، ڇهه۔‘

وسرڳن جي حقيقت سمجھڻ لاءِ ان جي آوا ز، مخرج، ۽ ان جي صوتي (Phonemic) حيثيت جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي. وسرڳ اصل ۾ ڪنهن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوُڪَ ملائڻ سبب بيهندو آهي؛ جنهن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنهن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجن آواز نڪرندو آهي. مثلاً ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جھ‘ جو آواز نڪرندو.

لفظ وسرڳ جي معنى مفهوم بابت آنجھاني ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو: ”جن اکرن ۾ ’هه‘ جو اچار سمايل آهي تن کي ’وسرڳ اکر‘ چئبو آهي. سنسڪرت ۾ ’و‘ معنى پري ۽ ’سرڳ‘ معنى اُڇل. انهن اکرن جي اچار ڪرڻ مهل وات جي هوا اڇلجي وڃي پري پوي ٿي.“ (۹)

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وينْجن آوازن جي خصوصيت بيان ڪندي وسرڳ جي ماهيت جو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته آوازن جي اچارڻ مهل ڦڦڙن کانْ اينْدڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾ ججھو ٿينْدو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ گھٽ ٿينْدو آهي. هوا جو زور ’پيٽ ڇَـﮨ‘ (diaphragm) جي وسيلي ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهنْ هوا جي داٻ ۾ زور گھڻو هونْدو آهي، ۽ اهو جي لنْگھ ۾ رڪاوٽ يا رنْڊڪ پيل هونْدي آهي، تڏهنْ انهيءَ رنْڊڪ يا رڪاوٽ جي ’هٽڻ يا ڇٽڻ‘ سانْ، هوا جي ڦوڪ هڪدم آواز جي پويانْ، ان سانْ گڏو گڏ، ٻاهر ڌوڪينْدي اينْدي آهي. هوا جي انهيءَ ’ڦوڪ‘ کي ’وسرڳائي‘(aspiration) چئبو آهي. (۱۰)

عربي- سنڌي آئيويٽا جي باقاعده ترتيب تي مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ توجهه ڏنو. پروفيسر عبدالڪريم لغاريءَ پنْهنْجي ڪتاب ’سنڌي الف- بي جي ارتقا‘ ۾ ۱۳۲۷ هجري ۾ ڪريمي پريس بمبئيءَ جي ڇپيل ابوالحسن جي سنڌي واري قاعدي جو عڪس ڏنو آهي، جنْهنْ ۾ اٺ مرڪب اکر ڪري ڄاڻايل آهن: جهه، گھ، ڙهه، لهه، نهه‘. جنْهنْ مانْ اندازو ٿئي ٿو ته اهي بعد ۾ سڌاريل ۽ سنْواريل آهن. ذڪر ڪرڻ جو مقصد ته ان وقت جي عالمن مانْ جن به ان آئيويٽا کي سڌاري پيش ڪيو، تن جي نظر ٻوليءَ جي آوازن تي ضرور هئي. ان قاعدي ۾ اهڙا اکر به رکيا ويا جيڪي هينْئر به پٽي/ آئيويٽا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آتا آهن.

۱۸۵۳ع تي ايلس واري ڪاميٽي جي جوڙيل آئيويٽا ۾ به اهڙن اکرن جو باقاعده شمار ڪونه ڪيو ويو؛ نه وري ان لاءِ ڪو اصول متعين ڪيو ويو. ان جو اهم سبب به صرف وچولي لهجي توڙي ٻين لهجن جا ماهر موجود ڪونه هيا، جنْهنْ ڪري ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ مونْجھارا هلندا رهيا.

۱۸۵۸ع کانْ اڳ آخوند گل محمد گل پنْهنْجي ديوان لاءِ جيڪا پٽي بيهاري، ۽ پٽيءَ بابت جيڪي بحث ڪيا اٿس، ان مانْ اندازو ٿئي ٿو ته کيس علم لسان کانْ ڪي قدر واقفيت هئي _ خاص طور تي ”هائيه اصوات“ يعني وسرڳي صوتين تي بحث ڪري پٽيءَ جي اکرن ۾ اضافو ڪرڻ! موجوده پٽيءَ ۾ انجي اضافي ڪرڻ سانْ پڙهڻ پڙهائڻ واري کي ايتري واقفيت ضرور ٿينْدي ته اهي هڪ ئي لڙهيءَ جا اکر آهن، جيئنْ موجوده پٽيءَ ۾ جھ ۽ گھ ڄاڻايل آهن، ٻي صورت ۾ ڪافي ماهرن انهن کي مرڪب آوازن وارا صوتيه ڪوٺيا آهن؛ حالانڪ اهي مفرد آواز آهن: ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، نهه ۽ پڻ ڇهه. مرزا قليچ بيگ پڻ ان خيال جو هو ته: ”جڏهنْ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ ”هه“ آواز سانْ گڏيل اکر آهن، جي ”هه“ سانْ لکڻ ۾ ٿا اچن، تڏهنْ الف_ بي ۾ ائينْ ڪرڻ گھربو هو، جيئنْ ته: ڪالهه، ڳالهه، ملهه وغيره ۾ لام سانْ گڏ ”هه“ جو آواز آهي. مڙهه، ڪڙهه، وڙهڻ، وغيره ۾ ”ڙ“ سانْ گڏ ”هه“ جو آواز اچي ٿو. سنهو، اونهونْ، ٻانهونْ وغيره ۾ ”ن“ سانْ گڏ ”هه“ جو آواز اچي ٿو. (۱۱)

ساڳئي مسئلي تي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به بحث ڪندي لکي ٿو ته:” لنْگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ گريئرسن ڄاڻايو آهي ته ڪشمير طرف داردڪ ٻولين ۾ نرم وسرڳ اکرن گھ، جھ، ڍ، ڌ ۽ ڀ کي اوسرڳ ڪندا آهن، يعني منْجھائن [هه] جو اچار ڪڍي ڇڏينْدا آهن. لاڙي ٻولي به انهيءَ ڳالهه ۾ داردڪ ٻولين سانْ مشابهت رکي ٿي، جيئنْ:

• جھه = جھجھو ۽ وجھوس بدرانْ چيُن ججو ۽ وجھوس.

• ڍ = ڪَڍُ بدرانْ ڪڊُ، ننڍو بدرانْ ننڊو ۽ ريڍار بدرانْ ريڊار.

• ڙهه = چڙهيو بدرانْ چريو ۽ ماڙهو بدرانْ مارو.

• ڌ = ڌيءُ بدرانْ دي، لڌو بدرانْ لدو ۽ پنڌ بدرانْ پند.

• ڀ = ڀاءُ بدرانْ با، ڀريو بدرانْ بريو، ڀيڻ بدرانْ بيڻ ۽ ڀوت بدرانْ بوت.

• ڻهه= ماڻهو بدرانْ ماڻو، پڻهي بدرانْ پڻي.

• رهه= ورهين کانْ بدرانْ ورن کانْ.

• وهه= اوهينْ بدرانْ اوينْ ۽ توهينْ بدرانْ توينْ.

آنْجهاني ڀيرومل اڳتي لکي ٿو ته : ”هه“ جي اچار بابت سرگريئرسن جي ڏنل مثالن مانْ معلوم ٿينْدو ته لاڙ جا ماڻهو نه رڳو وسرگ اکرن مانْ ”هه“ جو اچار ڪڍي ڇڏينْدا آهن، پر ”هه“ اکر ڌار هونْدو آهي، ته به اهو ڪونه اچارينْدا آهن. اها عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ سچ پچ ايتريقدر زور آهي جو ”آهيانْ“ بدرانْ چون آيانْ، ٻاهر بدرانْ ”ٻار“، ”ٽهلرام“ بدرانْ ”ٽيلرام“، ”رحمت الله“ بدرانْ ”ريمت لا“ ۽ لوهه بدرانْ ”لو“. لاڙ جا مسلمان جيتوڻيڪ ايتريقدر ”هه“ سانْ هاڃو نه ٿا ڪن، ته به انهيءَ عادت کانْ صفا آجا ڪينهن.“ (۱۲)

ڀيرومل جي اشارن مانْ اهو پتو پوي ٿو ته ايلس واري ڪاميٽيءَ ۾ سري ۽ خاص وچولي لهجي جا ماهر ڪونه هيا، جن سببانْ پٽي/آئيويٽا ۾ وسرڳي صوتين/هائيه اصوات سانْ اهو هاڃو ٿيو.

”هڪ علمي ادبي خط“ جي حوالي سانْ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ انهيءَ حق ۾ آهي ته آئيويٽا/پٽيءَ ۾ اهي اکر ضميمي طور پڙهايا وڃن.

ظاهر آهي ته انهن جي هِجي به ”هه“ ڄاڻائڻ سانْ نه ٿينْدي، جيئنْ جھ ۽ گھ ۾ ”جيم“ ۽ ”هي“ الڳ الڳ اچاري هِجي نه ڪندا آهيون، بلڪه ”جھ“ اکر لاءِ سڌو [جھي] آواز ئي ڪڍندا آهيون. اهڙي نموني ڪلهو ۽ ماڻهو وغيره به هيئنْ هِجي ڪرڻ کپي:

• ڪاف پيشُ ڪُ، لهي واو لهو= ڪلهو.

• ميم الف ما، ڻهي واو پيش ڻهُو= ماڻهو.

ٻيو ته لکڻ مهل به ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي، جيئنْ وسرڳي/مخلوطي ”ﮩ“ (ٻن اکين واري / پان واري) ۽ مخروطي/ ملفوظي ”هه“ (پَٽڪي واري) ۾ فرق رهي.

ان ڳالهه جو پراڻا استاد وڌ ۾ وڌ خيال رکندا هئا. اسانْجو مانائتو استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم (جيڪو منْهنْجي والد مرحوم ۽ منْهنْجو پڻ پرائمريءَ جو استاد هيو) پڻ انهن ڳالهين تي باقائده ڪڙي نظر رکندو هو ۽ اسانْجي ڪاپين توڙي سليٽن جي چڪاس دوران اهڙين چڪن تي پڻ گول دائره هڻي نشاندهي ڪندو هو. ڪاش اسانْجي سنڌ جي ابهم ۽ اٻوجھ ٻارن کي اهڙا اورچ ۽ پاڻ ارپيندڙ بنيادي استاد ملن ته جيڪر سنڌ جو هر نوجوان ڏيئي مثل روشني ڦهلائينْدو ۽ ٻين کي روشن ڪندو هلي. بهرحال وسرڳي/ مخلوطي ”ﮩ“ ۽ مخروطي/ ملفوظي ”هه“ جوفرق هيٺ هيئنْ ڄاڻائجي ٿو:

وسرڳي/مخلوطي ”ﮩ“ مخروطي/ملفوظي ”هه“

جھ =

گھ = جھارِ

جھارو

جھَڙو

جھَلَ

جھَلڻ

گَھٽُ

گھرُ

گھرو

گِھلَ

گھَڻِ جُـﮨـارُ

جُـﮨـارو

جَـﮨـڙو

جَـﮨـلُ

جُـﮨـِلَڻُ

گِـﮨِـٽَ

گَـﮨِـرُ

گَـﮨِـرو

گِـﮨِـلَ

گَـﮨِـڻُ

ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪا عربي _سنڌي آئيويٽا ٺاهي، تنْهنْ گھڻي قدر اردو دکني واري آئيويٽا کانْ مدد وٺندي، ڪي قدر مخدوم ابوالحسن ۽ آخونْد گل جي تقليد ڪئي. هن صاحب هر وسرڳي اکر منْجھ جنسي ”ﮩ“ ملائي اکرن جو تعين ڪيو. هن جو خيال هو ته ڪنْهنْ به گروهي صوتين لاءِ هڪ اصول قائم رکڻ کپي. مرزا قليچ بيگ پڻ اهڙو خيال رکندي لکي ٿو ته: ”اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانْگي اصل هندي هئي ۽ سنسڪرت جي ڌيءَ هئي ۽ پراڪرت مانْ نڪتل هئي، تنْهنْ ۾ به عربي صورتخطي ڪم آيل آهي، مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي، جن اکرن ۾ ”هه“ جو آواز لڪل آهي، تنْهنْ جي پٺيانْ ”هه“ جو اکر لکندا آهن، پر سنڌي الف بي ۾ ڪن اکرن ۾ ”هه“ وڌي اٿن،ڪن ۾ نه!“

مزي جي ڳالهه اها ته اهو هڪ اصول قائم رکڻ سانْ به ڪافي مونْجھارا ٿين ٿا، يعني جنْهنْ لفظ ۾ ٻِٽي ”هه“ اچي، انجو حل ڪهڙو ڳولهجي! انلاءِ وسرڳي اکرن ۾ موجوده ”ٽٻڪن“ ۽ ”ـهه“ ٻنهي جو استعمال ٻوليءَ جي حق ۾ آهي. ها، اڃا به جيڪڏهنْ آئيويٽا تي نظر ثاني ٿئي ۽ سڌارا ممڪن هجن، ته پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هيءَ راءِ وزنائتي آهي: ” سنڌيءَ جي ٿ، ٺ، ڇ، ک ۽ ڦ وارين صورتن ۾ ”هه“ جي ادغام جي انتهائي تڪميلي صورت موجود آهي؛ ايتريقدر جو ”هه“ انهن ۾ ڪُلي طور کاڄي هضم ٿي وئي آهي. انجي سڃاڻپ اها آهي جو انهن صوتين پويانْ ٻي ”هه“ اچي سگھي ٿي، مثلاً:

• ٿ = ٿـﻫــرَ ڪرڻ (ذرا ترسڻ، صبر ڪرڻ، آرام ڪرڻ)

• ٺ = ٺـﻫـڻُ، ٺـﻫـڪڻ.

• ڇ = ڇَهه، ڇُـﻫـڻُ.

• ک = کـِﻫـه ، کَـﻫـرو.

• ڦ = ڦـﻫـڪائڻ

سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جھ ۽ گھ صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي. ”هه“ انهن صوتين جي اندر پيٽ ۾ آهي، جيتوڻيڪ ڏسجي ڪانه ٿي، پر تنْهنْ هونْدي به هضم نه ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري انهن صوتين پويانْ ٻي ”هه“ نه اينْدي؛ يعني ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي لفظ هونْدو، جنْهنْ ۾ ڀ، ڌ، ڍ ۽ جھ يا گھ جي پويانْ ”هه“ جو اچار به هجي. انهن صوتين ۾ ”هه“ جي وجود جي لحاظ سانْ انهن جو لکت ۾ گھ، جھ واريونْ صورتونْ مناسب آهن، بهتر ائينْ هو ته ڀ، ڌ ۽ ڍ کي بهه، دهه ۽ ڊهه جي صورتن ۾ لکجي ها. ڙهه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه سي به ميل واري ادغامي صورت وارا آهن ۽ انهن جي پويان به ٻي ”هه“ اچي نه سگھندي.“ (۱۳)

مذڪوره ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ۾ ”ڇ“ سانْ گڏ ”هه“ اچڻ واري مثال ۾ ”ڇهه، ڇُهڻ“ لفظ ڄاڻايل آهن، حالانْڪ ”ڇهَه“ لفظ هجڻ سانْ گڏوگڏ صوتيات جي حوالي سانْ هڪ صوتيو ئي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ ”ڇ“ ۽ ”هه“ الڳ الڳ سُرن سانْ اچاري نه ٿو سگھجي، بلڪه ”ڇَهه“ هڪ ئي جھٽڪي ۾ ڦڦڙن جي هوا سانْ سخت تارونْءَ وٽ زبان جي اڳياڙي ملائڻ سانْ آواز ٺهي ٿو، جنْهنْ کي هلڪو ڌوڪڻو وسرڳ چئي سگھجي ٿو.

اهڙي مسئلي کي اردو ٻوليءَ وارن ڏاڍي سولي نموني سانْ حل ڪيو. ان حوالي سانْ اردوءَ جو ماهر پروفيسر سيد محمد سليم هيئنْ لکي ٿو ته: ” عربي خط ۾ فارسي ۽ عربيءَ جا مخصوص حرفن جو اضافو ڪرڻ سانْ اردو حرف ِ تهجي جي تعداد ۳۶ ٿي وئي. پر سڀ کانْ مشڪل مخلوط آوازن (وسرڳن) کي ظاهر ڪرڻ هو. ڇوته مخلوط (وسرڳ) آواز هنديءَ سانْ وابسته آهن؛ عربيءَ، فارسيءَ توڙي ترڪيءَ ۾ اهي آواز موجود ڪونهن. عربي خط ۾ انهن آوازن کي ظاهر ڪرڻ ڪافي ڏکيو هو، ۽ هندي خط ۾ هي آواز مفرد آهن؛ جيڪڏهنْ انهن لاءِ مفرد حرف ٺاهيا وڃن ها، ته اردو حرف ِ تهجي ڪافي وڌي وڃي ها، ۽ سکڻ سيکارڻ ۾ ڏکيائيءَ جو باعث بڻجي ها. انلاءَ اردو وارن اهڙن هندي مخلوط آوازن لاءِ ’ـهه‘ کي لاحقي (Suffix) طور استعمال ڪيو. اهڙيءَ طرح انهن حرفن کي لکبو ته مرڪب ڪري آهي پر پڙهبو- اچاربو مفرد آهي. هنديءَ ۾ يارهنْ مخلوط آواز آهن: بھ ، پھ ، نھ ، ٹھ ، جھ ، چھ ، دھ ، ڈھ ، ڑھ ، کھ ، گھ “

پروفيسر سليم صاحب فوٽ نوٽ ۾ وڌيڪ پنْهنْجو خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: ” مخلوط آواز ان کانْ علاوه ٻيا به آهن، جهڙوڪ: رھ ، لھ ، مھ ، نھ ، پر جيئنْ ته انهن جو استعمال ٿورو ٿئي ٿو، جنْهنْ سبب انهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ۽ صرف يارهنْ مخلوط آواز ئي تعليمي ڪتابن ۾ درج ڪيا وينْدا آهن.“ (۱۴)

هاڻي سوچ اها ٿئي ٿي ته ڪچيءَ وارن ڪٻَن جي سنْوار، جوان جماڻ جسم ۾ ڪيئنْ ممڪن آهن؛ يا ان جي ڪهڙي ضرورت آهي. يعني جيڪڏهنْ نظر انداز ڪيل وسرڳ آئيويٽا ۾ شامل به ڪجن ته ان جي لساني حيثيت ڪهڙي آهي؟

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هنن آوازن بابت ’W.S, Allen‘ جي حوالي سانْ ڄاڻائي ٿو ته: ”هيءَ خصوصيت نه فقط سنڌي زبان جي صوتياتي نظام ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿي، پر هند و پاڪ جي ٻين سڀني آريائي زبانن ۽ قديم يونانيءَ ۾ به هيءَ خصوصيت نظر اچي ٿي. وسرڳ آواز، انْگريزي ٻوليءَ ۾ به ملن ٿا.“ (۱۵)

ان خيال کانْ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنْهنْجي ڪتاب ’صوتيات‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”وسرڳ آواز، انْگريزي ٻوليءَ ۾به ملن ٿا؛ پر انْگريزي زبان جي صوتياتي نظام ۾ وسرڳائي، صوتي (Phonemic) نه آهي، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ وينْجن آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهنْ ته انْگريزيءَ ۾ وسرڳ آواز ڌار صوتئي طور ڪم نه ٿا اچن. مطلب ته سنڌيءَ جي صوتياتي نظام موجب [پ] ۽ [ڦ] ٻه ڌار ڌار صوتيه (Phonemes) آهن. …اهڙا وسرڳ آواز آهن: ڦ، ڀ، مهه، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڻهه، نهه، ڇ، جھ، ڙهه، ک، گھ، لهه.“ (۱۶)

ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻائڻ مطابق وسرڳي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ظاهر آَهي ته جيستائينْ آئيويٽا ۾ ان وسرڳي آواز لاءِ ڪو اکر يا علامت مقرر نه ٿي ڪئي وڃي تيستائينْ ان آئيويٽا کي اڌورو ئي ڀانْيو وينْدو. ان لاءِ موجوده آئيويٽا ۾ اهڙا ڏهه وسرڳ شامل ڪيا ويا. بعد ۾ پنْج وسرڳ ڪچي پهرينْ درجي (سنڌي ٻاراڻو ڪتاب) ۾ صورتخطيءَ جي خيال کانْ ڏنا ويا. ليڪن اڄ تائينْ ان کي آئيويٽا / پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهي پنْج وسرڳ جيڪڏهنْ صوتئي جي تارازيءَ ۾ پورا لهن ٿا ته انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ ضميمي طور ئي سهي، سنڌي پٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. مذڪوره ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه نظر انْداز ٿيل وسرڳن جي اوسرڳ جي مٽا سٽا سان معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيانْ مثال ڏجن ٿا:

اوسرڳ آواز سان لفظ وسرڳ آواز سان لفظ

ڙ ۱. ڪوٗڙُ= تاڃي ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ کوڙيل ڪلن جي قطار، تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪم اينْدڙ ڪاٺي؛ ڪروڙ.

۲. ڪُڙِ = ٿڪ، ٿڪاوٽ. ڪڪڙ کي هڪلڻ جو آواز.

۳. سَڙُ = (امر) سڙڻ، ڪاوڙ ۾ پچڻ. ڙهه ۱. ڪوٗڙهُه= بدن تي اڇا داغ ڪنْدڙ هڪ وچڙنْدڙ بيماري، جذام.

۲. ڪُڙهِه = ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي پلجڻ ۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ.

۳. سَڙهُه = ڪم ڪوس يا سست ڏانْد.

ن ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. نهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

ڻ ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. ڻهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

م ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. مهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

ل ۱. ڪَلَ = سڌ، ڄاڻ؛ انْجڻ؛ اٽي جي ڳوهه

۲. مالَ = ڌن، ڍور ڍڳا (جمع)

۳. ڪُلو = پٽڪي هيٺانْ وجھندڙ ٽوپي

۴. مَلَ = مهٽو؛ گدلاڻ لهه ۱. ڪَلههَ = گذريل ڏينْهنْ.

۲. مالههَ = هار؛ نار ۾ لوٽين ٻڌڻ لاءِ رسو.

۳. ڪُلهو = ٻانْهنْ ۽ ڪنڌ جو وچيونْ حصو.

۴. مَلههَ = سنڌي ڪشتي.

مٿئينْ چارٽ موجب ٽن گھُڻن وينْجنن ۽ ان جي وسرڳن جي مٽ سانْ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي خاص لفظ ڪونه ٿا ملن، جيڪي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ گھُڻن اَوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مونْجھارا پيدا ڪندا هجن، جنْهنْ بنياد تي ’گھُڻن وسرڳن‘ کي الڳ سانْ صوتيو تسليم ڪجي! حقيقت اها آهي ته صوتئي جي معلوم ڪرڻ واري طريقي موجب ڦي گھُڻا وسرڳ صوتئي جي زمري ۾ نه ٿا اچن؛ حالانْڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب انهن پنْجنئي نظر انداز ٿيل وسرڳن کي صوتئي جو درجو ڏئي ٿو، جن ۾ ٻه وسرڳ ’ڙهه‘ ۽ ’لهه‘ واقعاً سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جو درجو رکن ٿا، جڏهنْ ته ٽي وسرڳ ’نهه، ڻهه ۽ مهه‘ صوتئي جو درجو نه ٿا رکن، بلڪ اهي آواز جي حيثيت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته معياري لهجي موجب ڪافي لفظن ۾ اهي گھُڻا وسرڳ اچار ۾ ڪم آنْدا وڃن ٿا ۽ ظاهر آهي ته آوازن جي بنياد تي لکت ۾ به ڪم آڻڻ گھرجي. ان لاءِ اختياريءَ وارن آڏو نظر انداز ٿيل پنْجنَئي وسرڳي اکرن لاءِ پٽيءَ ۾ ضميمي طور شامل ڪرڻ لاءِ عرض رکجي ٿو.

ٻي صورت ۾ اردو آئيويٽا جيان هڪ اصول متعين ڪري آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ جي آزار کان به بچي سگهجي ٿو. ان انداز سان نظرانداز ٿيڻ جوڳن وسرڳن سبب مونجھارن جي ٿيڻ واري امڪان کي به رد ڪري سگهجي ٿو. مثلا: ’ره‘ وسرڳ جي حقيقت کي نه سمجھڻ سان سنڌي صورتخطيءَ ۾ شروعاتي ديسي گڏيل آوازن (پهريون ساڪن، ٻيو متحرڪ) ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي سفارش ڪيل ۽ مستعمل صورتخطيءَ ۾ لفظ ’گۡراهڪ‘ (۱۷) تي اعتراض ڪري سگھجي ٿو.

حقيقت ۾ ان جي صورتخطي ’گۡرهاڪ‘ هئڻ گھرجي؛ ڇو ته مذڪوره لفظ ۾ اڳيونْ جوڙ (پهريونْ ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ)، جا بجا گڏيل آواز آهي، ليڪن ان اڳئينْ جوڙ ۾ ٻيو آواز ’ره‘ متحرڪ وسرڳ آهي. جيڪو لاڙي/ حيدرآبادي لهجي ۾ نه هئڻ سبب ڪنْهنْ به ماڻ ۾ نه ٿو ماپيو وڃي. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ڄاڻايل لفظ ’گۡراهڪ‘ اردو/ هندي جي لفظ ’گاهڪ‘ جي صورتخطيءَ جو هوبهو نقل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي وچولي لهجي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ’ساهتي لهجي‘ ۾ آوازن جي بنياد تي لفظ ’گۡرهاڪ‘ ئي اچارجي ٿو. ان لفظ جو باقاعده مشاهدو ڪيو ويو آهي. اهڙن لفظن جي درست صورتخطيءَ تي اعتراضن جو سبب وسرڳ جو گھٽ استعمال آهي، ۽ اسانْ جي عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ ان مونْجھاري ڏانْهنْ بي توجهي آهي.

ساڳئي مسئلي تي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به لنْگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ گريئرسن جي توسل سانْ جيڪو لاڙي/ حيدرآبادي لهجي موجب وسرڳن کي اوسرڳ ۾ تبديل ٿيڻ ڄاڻايو آهي تن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي وسرڳن ۾ ’رهه‘ جو شمار ملي ٿو، جيئنْ:

• رهه= ’ورهين‘ (کانْ) بدرانْ ’ورن‘ (کانْ)۔ (۱۸)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ نظرانداز اَٺ وسرڳن ۾ ’رهه‘ جو وسرڳ مثالن سانْ هيئنْ ڏنو آهي:

• ’ر‘ جو وسرڳ ’رهه‘ مثال: ٻارهو، يارهونْ، ٻارهونْ، تيرهونْ. (۱۹)

اردو ٻوليءَ وارا پڻ مذڪوره ’رهه‘ وسرڳ کي تسليم ڪن ٿا، پر جيئن ته انهن وٽ به گھٽ استعمال سبب نظرانداز ٿيڻ جوڳو آهي، جنهنڪري اردو آئيويٽا ۾ شمار ڪونه ٿو ڪيو وڃي. اردو جو ڄاڻو پروفيسر سيد محمد سليم اردو ۾ مستعمل يارهن وسرڳن بعد فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”مخلوط آواز (وسرڳ) انهن کان سواءِ ٻيا به آهن: ’رـهـه‘، ’لهه‘، ’مهه‘، ’نهه‘ جيئن: گیارھواں، چولھا، تمھارا، ننھا. پر جيئن ته انهن جو استعمال قليل آهي، ان لاءِ ان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.“ (۲۰)

ان سڄي بحث جو مرڪز لفظ ’گراهڪ‘ جي موجوده صورتخطيءَ تي هيو، ته ان لفظ ۾ شروعاتي گڏيل جوڙ ۾ پهريون ’گ‘ جو آواز ساڪن ۽ ٻئي آواز ۾ وسرڳ ’رهه‘ ڊگھي سُر سان متحرڪ آهي. جنهن جو ڇيد هيئن ڪري سگھجي ٿو:

• (گ + – ) گۡ + (ره + آ) گۡرها + (ڪ +اُ) ڪُ = گۡرهاڪُ

ان لفظ ۾ وسرڳ جي وجود جي هئڻ کي لاڙي/ حيدرآبادي ماهر تمام مشڪل سان هضم ڪري سگھندا؛ ڇوته ان لهجي ۾ اهڙن وسرڳن جو هجڻ ’گڏهه جي مٿي تي سڱ هجڻ‘ واري ورجيس برابر آهي.

سنڌي، هندي ٻولين وانگر عربي يا فارسي ٻولين ۾ وسرڳن جو تصور ڪونهي، ليڪن عربي رسم الخط مان جڙيل رسم الخطن ۾ هر ٻوليءَ جي ماهرن پنهنجي گهرجن آهر ’هه‘ اکر جي مختلف شڪلين کان صورتخطيءَ جي لحاظ کان ڪم وٺڻ جون سفارشون ڪيون آهن.

عربي- سنڌي رسم الخط ۾ هر اکر جي گھر لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي يا چار صورتون يقيناً آهن، ليڪن ’هه‘ اکر لاءِ پنْج روپ ڪم آنْدا وينْدا آهن؛ جيئنْ: ’هه‘، ’ـهـ‘، ’ه‘، ’ـہ‘ ’ـه‘. انجا سبب ڪجھ نظر انداز ٿيل آهن، هڪ ته: ڪن آئيويٽائن ۾ انهن جو شمار وينْجن ۽ سُر ٻنهي ۾ ٿينْدو آهي. جيئنْ ’ر‘. پر جيئنْ ته اسانْ وٽ سوچ سمجھ جا ماڻ ماپا انْگريزي عالمن جا مقرر ڪيل آهن، انڪري انهن ڏانْهنْ توجهه ئي ڪونه ٿو وڃي! ٻيو ته ۱۹۳۵ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي سوني ترتيب ۾ ’هه، جھ ۽ گھ‘ گڏ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ سان ملفوظي/ مخروطي ’هه‘ ۽ مخلوطي/ وسرڳي ’ـهـ‘ ۾ فرق واضح ڪيو وينْدو هو. اهي نڪتا اسانْ پنْهنْجي پرائمري استادن کانْ واضح نموني سکياسينْ، جنْهنْ ۾ مرحوم استاد مريد حسن خاصخيليءَ جو نالو وٺنْدي فخر محسوس ڪيونْ ٿا. ۱۹۶۰ع واري بي تڪي ترتيب جو نتيجو اهو نڪتو جو پڙهندڙ يا پڙهائينْدڙ اهو نڪتو اڄ تائينْ عام طور تي واضح ڪري نه سگھيا آهن؛ ان جو وڏو سبب اسانْ جي درسي ڪتابن جي پرنٽ ميڊيا واري عملي(ڇپائيءَ وارو)،پروف ريڊرن (تصحيح ڪندڙ) ۽ ايڊيٽر عملي جي غفلت يا اڻڄاڻائي آهي.

• ’هه‘: هيءَ هڪ طُري/ پٽڪي واري هه سڏبي آهي. ٻوليءَ ۾ هن جو ڪردار وينْجن وارو آهي.

• ’ـهـ‘: وسرڳي سڏبي آهي، جيڪا ڪنْهنْ مخرجي اوسرڳ آواز کي ڦڦڙن مانْ هوا ڏيئي وسرڳ آواز لاءِ ڪم اينْدي آهي؛ يعني ’هايئه اصوات‘ لاءِ ئي ڪم اينْدي آهي. عربي يا فارسي ۾ اهڙن وسرڳن جو تصور ڪونهي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ان جو استعمال باقاعده آهي، جنْهنْجو احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ لفظن جي صورتخطيءَ ۾ مونْجھارا ٿين ٿا. مثال: جهارِ __جُـﻫـارُ. گھِلَ __گِـﻫـِلَ. پر ٿئي ائين ٿو ته اسانْجو استاد طبقو، ۽ ڇپائيءَ توڙي تصحيح وارو عملو يا ته ان ڳالهه کانْ اڻواقف آهن يا لاپرواهيءَ کانْ ڪم ٿا وٺن، جنْهنْڪري اهو ڍنْگ اسانْجي نئينْ نسل تائينْ منتقل نه ٿو ٿئي.

• ’ ه ‘: هيءۡ ٻن طُرن واري هه سڏبي آهي، جيڪا ’سرَ‘ طور ڪم اينْدي آهي. جنْهنْ کي فارسي يا اردو وارا مختفي هه سڏينْدا آهن ۽ لفظ جي آخر ۾ ڪم اينْدي آهي، جيئنْ: موجوده، خوامخواه، خانقاه، وغيره. ۽ ’ ة ‘تانيث جي جڳهه پڻ وٺنْدي آهي.

• ’ــہ‘: هيءَ هه ، الله، هميشہ جهڙن لفظن ۾ ڪم اينْدي آهي، ۽ وينْجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز لاءِ استعمال ٿينْدي آهي. جنْهنْ کي جهڙوڪر اڌ سرُ چئي سگھبو.

• ’ـــه‘: هيءَ هه اکر کي اڪثر زبر طور متحرڪ بڻائڻ لاءِ يا ٻيو سر ڳنڍڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي. جيئنْ: نه، ته، وجه؛ ملڪهءِ ترنم.

’هه‘ جا اهڙا تصرر عربي، فارسي توڙي انْگريزي يا هندي ٻولين ۾ به ملن ٿا، انلاءَ ته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’هه‘ وينْجن توڙي سرَ، ٻنهي جي تصور سان پڙهايا سمجھايا وينْدا آهن. جيئنْ: شـﻫـر ____Shr . هميشہ ___HmyS: هنن لفظن ۾ پهرينْ هه وينْجن آهي، ۽ پڇاڙڪِي سُرَ ۾ ڳڻي وينْدي آهي.

انْگريزيءَ سانْ پڻ ساڳي ويڌن آهي، جيئنْ: Host يا Honest . اهڙن لفظن ۾ پڻ وينْجن يا سُر ٻنهي جو تصور موجود آهي.

ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري جي لکڻ موجب ”عربي رسم الخط ۾ ’هه‘ جا ٽي روپ آهن، جيڪي اسانْ تائينْ منتقل ٿيا آهن. انهن ۾ هڪ کي ٻه چشمي ’ـهـ‘‘ ٻي کي ننڍي ’ ه ‘ ۽ ٽينءَ کي وڏي ’ح‘ چئبو آهي. انهن ۾ وڏي ’ح‘ صرف عربيءَ ۾ استعمال ٿينْدي آهي.“

ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري مختفي ’ه‘ لاءِ وڌيڪ لکي ٿو: ”عربيءَ ۾ ننڍي ’ه‘ جا ٻه قسم ٿين ٿا؛ هڪ، ’هوز‘ واري ’هه‘ جيڪا لفظ جي شروع ۽ وچ ۾ اينْدي آهي، ۽ ٻي، مختفي جيڪا لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ۽ اردو جي رسته، ڪلڪته، پته وغيره ۾ لکي وينْدي آهي.

عربي ۾ جڏهنْ ننڍي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ته اسينْ ان کي ’گول ت‘ چوندا آهيونْ؛ ڇو ته ان جو تبادل ’ت’ سانْ ٿينْدو آهي. جيئنْ: جنّه = جنت، اُمّه = امت ۽ قيامّه = قيامت. اردو ۾ اسانْ عربي تبادل جو اهو اصول ڪونه اپنايو ۽ جنّه کي جنت ۽ قيامّه کي قيامت ئي لکندا آهيونْ.

جديد فارسيءَ جا اهڙا لفظ جيڪي اڄڪلهه ’ه مختفي‘ سانْ لکيا وڃن ٿا، تن ۾ اڳي آخري حرف متحرڪ هونْدو هو: چاره = چارَ، ڪده = ڪدَ، پاره = پارَ وغيره، چيو وينْدو آهي ته لفظ ’ڪده‘ جهڙن لفظن جي آخر ۾ ’ڪاف‘ زبر لاءِ استعمال ٿينْدو هو.

يوناني آخري زبر لاءِ اُوس(os) ۽ لاطيني اَس (us) جي پڇاڙي لڳائينْدا هئا، جنْهنْ کي مغربي محقق ويدڪ ۽ سنسڪرت جو وسرڳ چون ٿا؛ ۽ وسرڳ جو تلفظ آچاريا ۽ پنڊت ’اَه‘ ڪندا آهن، جيڪو ديوناگري جي آخري سرَ جي شڪل’A:‘ سان ظاهر ٿينْدو آهي؛ جيئنْ: ڀيمه (خوفناڪ) BIm: ، ڪُچره (بد چلن) kuçr: وغيره مانْ به ان خيال جي تصديق ٿئي ٿي ته هند يورپي زبانن جا اهي سڀ طريقا لفظ جي آخري سُر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. اردو املا ۾ ’ه مختفيءَ‘ جو وجود فارسيءَ جي ڪتابت کانْ ورتل آهي ۽ اردو لفظن ۾ ٻن ڊگهن سُرن ’آ‘ ۽ اَي‘ جو بدل آهي.“ (۲۱)

ان سڄي بحث جو تت اهو آهي ته ’هه‘ جا ٻه قسم آهن، پر ان جا اکري روپ پنْج آهن، جن ۾ ٻه وينْجن ۽ ٽي سُرَ آهن؛ ۽ ڪنْهنْ به اکر جي مختلف روپن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ئي ٻوليءَ جون گهرجونْ هونْدو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي حوالي سان ٻٽن وسرڳن جي استعمال تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”ڪيترائي سنڌي لفظ، جن ۾ پهرئينْ ۽ ٻئي پد جي شروع ۾ وسرڳ آواز اچاريا وينْدا آهن، ۽ ڌار ڌار نموني لکيا وينْدا آهن، مثال طور:

• گهُگھي، گھُگي، گُگهي.

• جھجھو، جھجو، ججھو.

• ڀمڀور، ڀمبور، بمڀور.

• ڀاڀي، باڀي، ڀابي.

• ڀڀ، ڀب، بڀ.

انهن مثالن ۾ [جھ]، [گھ] ۽ [ڀ] آواز، [ج]، [گ] ۽ [ب] ڳرن اوسرڳ آوازن جون وسرڳ صورتونْ آهن. سنڌي صورتخطيءَ ۾ وسرڳ آوازن جي سکڻ ۾ اهو مسئلو فقط [جھ، گھ ۽ ڀ] جي اچارن سبب پيدا ٿيو آهي. هن ڏِس ۾ لسانيات جي هڪ ماهر مسٽر گراسمئن (Grassman) هڪ اصول ٺاهي ، هن مسئلي جو حل ڳولي لڌو هو، پر جيئنْ ته اسانْ کي گراسمئن جي ٺاهيل انهن اصولن جي ڄاڻ ڪانه هئي، تنْهنْ ڪري هي مسئلو، مسئلو ئي رهيو. گراسمئن فرمايو آهي ته:

’جڏهنْ ڪنْهنْ به لفظ جي اچارڻ مهل، ان لفظ جي منڍ، يعني لفظ ۽ پهرئينْ پد جي منڍ ۾، ۽ ان کانْ پوءِ فوراً ٻئي پد جي منڍ ۾ (يعني لفظ جي وچ ۾ ٻئي پد ۾) وسرڳ آواز اچن، ته ان لفظ جي اچارڻ ۾ پهرئينْ پد جي منڍ وارو وسرڳ آواز، پنْهنْجي وسرڳائي وڃائي اوسرڳ ٿي وينْدو.‘

مثال طور هڪ لفظ جي اصلي صورت آهي ’گھگھي‘، هي لفظ ٻن پدن وارو آهي، يعني [گھ + اُ ۽ گھ + اِي]. هاڻ گراسمئن جي اصول موجب پهرئينْ پد ۾ /گھ + اُ / وسرڳ آواز اچارڻ مهل، پنْهنْجي وسرڳائي وڃائي، بدلجي اوسرڳ آواز [گُ] ٿينْدو، ۽ ٻئي پد وارو وسرڳ آواز [گهه] قائم رهندو ۽ اچار ٿينْدو /گُگھي/ .“ (۲۲)

علم عَروض موجب شعر جي تقطيع ۾ ’هه‘ جا آواز حذف ڪيا ويندا آهن. ان جو اهم سبب ته ’هه‘ جا آواز گھڻي قدر سرَ (Vowel) جا هوندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ ته وسرڳ ۾ به اهڙو آواز سميٽيل هوندو آهي. ’هه‘ جي سنڌيءَ، عربي توڙي فارسيءَ ۾ وينجن کان علاوه سرَ جي حيثيت ۾ هجڻ سبب علم عروض ۾ حذف ڪرڻ جي روايت آهي. علم عروض موجب ڊاڪٽر خليل احمد ڄاڻائي ٿو ته:

• اسم فارسي ۽ عربيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ’هه‘ هوز اينْدي آهي ته ان کي ڪيرائي سگھجي ٿو.

ع _ شمع رو جي آهين تونْ، تانْ پڻ آهيانْ پروانه آءٌ.

تقطيع: شمع رو جي – فاعلاتن، آهه تو تا – فاعلاتن، پڻ آيا پر – فاعلاتن، وان آءُ – فاعلان.

• ’هه مخلوط‘ يعني اها ’ـهه‘ جيڪا لفظن جي وچ ۾ اينْدي آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت ڪيرائي وينْدي آهي؛ جيئنْ: ماڻهو، وڙهيو، سمهي وغيره. (۲۳)

سڄي ڳالهه جو تت اهو آهي ته جيڪو حرف شعر جي موزون پڙهڻ ۾ پنْهنْجو آواز نه ڏئي يعني اچار ۾ نه اچي سو تقطيع ۾ شمار نه ڪيو وينْدو. پر اهو حرف اهڙو هئڻ گھرجي، جنْهنْجو ڪيرائڻ شاعرن جائز ڪيو آهي.هن ۾ ’هه‘ هوز وغيره به شامل آهي.

Prosody ۾ به ڊگھن ۽ ننڍن سرن کان وينْدي ٻولين جا اهي آواز جيڪي وينْجن توڙي سر ٻنهي لاءِ ڪم اينْدا آهن، تن جي شمار ۾ پڻ مماثلت آهي. مثلاً: بحر وزن توڙي ڇنْد وديا ۾ جيڪا حيثيت ’هه‘ جي آهي ساڳي جهڙوڪر ’H‘ جي آهي. يا جيئنْ ته آوازن جي بنيادن تي ’ديوناگري آئيويٽا‘ ۾ سر طور به شمار ٿئي ٿي، ۽ وسرڳي آوازن ۾ به شامل رهي ڪري ڪنْهنْ آواز کي مفرد بڻائي پنْهنْجي حيثيت کي گم ڪري ڇڏينْدي آهي، ساڳي طرح بحر وزن جي علم موجب پڻ تقطيع ۾ ’هه‘ جو شمار ڪونه ڪيو وينْدو آهي؛ يا سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي يا سري جي لهجي ۾ جيئنْ ’ر‘ جي ادغام وارا صوتيه مفرد صوتئي جي حيثيت سان اچاريا وينْدا آهن، جنْهنْ سبب آوازن جي بنيادن تي ديوناگري آئيويٽا ۾ انهن جي لکڻ لاءِ چئن قسمن جي گنْجائش ڄاڻايل آهي. انْگريزي Prosody ۾ پڻ ’H‘ جي ڳڻپ ڪا نه ڪئي وينْدي آهي ۽ ’R‘ جي ادغام سبب هڪ وينْجن جو شمار ڪيو وينْدو آهي. جيئنْ:

A syllable is long if the vowel is in it is either long in itself or followed by two or more consonants. The letter ‘x’ counts as a double consonant, the letter ‘h’ not at all, and the following pairs of consonants occurring in the same word after a short vowel do not necessarily make the syllable long:

br, cr, dr, fr, gr, pr, tr, fl, gl, pl.

A syllable is short if its vowel is a short one and not followed by two or more consonants (except for the groups noted in the preceding paragraph).(۲۴)

اڀياسي ڪتاب / حوالا:

۱۔ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، ٽماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ نمبر: 1 ۽ 2، 1999ع _ ص: 34 _ 35

۲۔ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي _ سماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ نمبر: 2، 1972ع _ ص: 161_162.

۳۔ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ _ شاهه جو رسالو _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز _ 1985ع _ ص: xxx

۴۔ مرزا قليچ بيگ _ سنڌي وياڪرڻ _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 2006ع _ ص: 165

۵۔ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي _ سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون _ ٽماهي مهراڻ: گولڊن جوبلي نمبر _سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 2 ۽ 3، 2006ع _ ص: 129

۶۔ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي _ سماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ نمبر: 2، 1972ع _ ص:162_163.

۷۔ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص: 162_ 163

۸۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي _ 2005ع _ ص: 209 _211.

۹. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ وڏو سنڌي وياڪرڻ – انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي – 1985ع – ص: 10

۱۰۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _سنڌي صوتيات _ ادبيات پبليڪيشن حيدرآباد _ 1967ع _ ص ص: 46،48 ، 49

۱۱۔ مرزا قليچ بيگ _ سنڌي وياڪرڻ _سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 1992 _ ص: 203.

۱۲۔ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ _ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي _حيدرآباد _ 1956ع _ ص: 127 _129.

۱۳۔ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ هڪ علمي ادبي خط (طالب المولى ڏانهن) _ سماهي ”سنڌ“ _ سنڌ اسٽڊي سينٽر حيدرآباد _ اونهارو 1983ع _ ص: 262.

۱۴۔ پروفیسر سید محمد سلیم ۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی ۔ ۱۹۸۱ء ۔ ص ص :۴۲، ۴۳

۱۵۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص: 46 _47

۱۶۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص، ص: 47، 49

۱۷۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا- سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو- 2005ع- ص: 213

۱۸۔ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ _ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي _حيدرآباد _ 1956ع _ ص: 128

۱۹۔ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي- شڪارپور جي ٻولي- سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد- 1992ع- ص: 37

۲۰۔ پروفیسر سید محمد سلیم ۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی ۔ ۱۹۸۱ء ۔ ص : ۴۳

۲۱۔ ڈاکٹر سہیل بخاری ّ اردہ رسم الخط کے بنیادی مباحث ّ مقتدرہ قومی زبان اسلام آباد ّ ۱۹۸۸ء ّ ص،ص: 41، 42، 43،

۲۲۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس _ سنڌالاجي ڄامشورو _ 2005ع _ ص: 222 _ 223

۲۳۔ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل _ علم عروض _ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد _ 1935ع _ ص:

۲۴. Collins Latin Dictionary _ Willium Collins _ Harper Collins publishers, Italy_ 1996

الطاف حسين جوکيو

استاد سنڌي شعبو

گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور

(Courtesy : Sindhsalamat.com)